SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Fontanelle

(click word to listen sound
  • 🔊
  • fontanelle
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Fontanelle

فان.ٽي.نَيل

تارون، ڪنھن ابھم جي کوپريءَ جي ھڏن وچ ۾ تھن سان ڍڪيل ٻن مان ڪا به ھڪڙي جاءِ. ڄمڻ وقت کوپريءَ جا ھڏا مڪمل طور تي ڳنڍيل نٿا ٿين جن جا ٻه ملائم حصا کوپريءَ جي کل مان محسوس ڪري سگهجن ٿا. اڳيان فانٽينيل، ھيري جي شڪل جھڙا ۽ عام طور تي 18 مھينن جي عمر ۾ بند ٿي وڃن ٿا. پويان فانٽينيل ٽڪنڊا ٿين ٿا ۽ پھرين 3 مھينن دوران بند ٿي وڃن ٿا. ڪن فانٽينيلن لاءِ عام رواجي ڳالهه ٿئي ٿي ته جڏھن ٻارڙو روئي رڙي ٿو ته اھي تاڻجي ٻاھر اڀري اچن ٿا. جڏھن ته ٻين وقتن تي انھن جو دائمي اڀريل ھجڻ ڪنھن نقص ڏانھن اشارو ٿئي ٿو خاص طور تي ھائڊروسيفيلس (hydrocephalus، کوپريءَ ۾ پاڻيٺ جو ڀرجڻ). جڏھن ته پيٺل فانٽينيل سوڪھڙي (dehydration) جي نشاني ٿي سگهي ٿي. جيڪڏھن فانٽينيل غيرمعمولي طور تي وڏو ھجي يا ان کي بند ٿيڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ته ان جو ڪارڻ دماغ جو نقص يا غيرمعموليت جھڙوڪ: ھڏڙِي (rickets) ھجڻ ٿي سگهي ٿي جيڪا کوپريءَ جي ھڏن کي متاثر ڪري ٿي. فانٽينيل جو وقت کان اڳي بند ٿيڻ ڪنھن بي ڊولائپ ۾ ظاھر ٿئي ٿو جنھن کي ڪرينيوسائينوسٽوسس (craniosynostosis) سڏجي ٿو. ورلي، ٻين ٻن جي وچ ۾ ٽيون فائٽينيل به موجود ھجي ٿو جيڪو ڊائونِس سنڊروم (down’s syndrome) جي حالت ۾ پيدا ٿئي ٿو.


Remember Me Also:

ٻيلهاڙي

ذ. صفت ٻيلهاڙي راند ڪندڙ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal