
Fifth disease
ففِٿ ـ ڊزيز
ھڪ اھڙي وچڙندڙ بيماري جنھن ۾ سڄي جسم تي ڳاڙھا نشان يا ڊٻڙ ٿي پون ٿا. ان کي سلَيپڊ چِيڪ ڊزيز (slapped cheek disease) يا اِريٿيما انفيڪشيوسم (erythema infectiosum) جي نالي سان به سڏجي ٿو، ففٿ ڊزيز گهڻي ڀاڱي ٻارڙن کي پاروـ وائرس ـ بي19 (parvovirus strain B19) جي ھڪ اسٽرين سبب متاثر ڪري ٿي. ڊٻڙ ڳلن تي الڳ الڳ گلابي رنگ جھڙا اڀريل نشانن جي صورت ۾ ظاھر ٿين ٿا جيڪي پوءِ گڏجي مخصوص نموني جا ٿي پون ٿا. ڪجهه ڏينھن ۾ ڊٻڙ ڄار جيان ٽنگن ۽ ٻانھن تي پکڙجي وڃن ٿا ته ڍڍر تي رڳو ڇڊا پيدا ٿين ٿا. انھن سان گڏ ھلڪو بخار به ٿي پوي ٿو. عام طور تي ڊٻڙ اٽڪل 10 ڏينھن اندر ڇٽي وڃن ٿا. بالغن کي ورلي ٿيندڙ ھن بيماريءَ سان گڏ سنڌن جو سور ۽ سوڄ به ٿي سگهي ٿي جيڪا 2 سالن تائين ھلي سگهي ٿي. ھن بيماريءَ جو انڪيوبيشن پيرڊ (نسرڻ جو عرصو) 7 کان 14 ڏينھن جو ٿئي ٿو ۽ رڳو علاج بخار گهٽائڻ جون دوائون ٿين ٿيون. ھن بيماريءَ ۾ ھڪ ڀيرو مبتلا ٿيڻ کانپوءِ اھڙو فرد سڄي عمر ان جي وري ٿيڻ کان محفوظ (اِميون) رھي ٿو. جيڪي حامله عورتون ھن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿين ٿيون تن کي طبي صلاح وٺڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته غيرمحفوظ (non-immune) رھندڙن عورتن ۾ پيٽ واري ٻار لاءِ مسئلا پيدا ٿين ٿا يا ڇڪي (miscarriage) اچي ٿي.
امالو
ذ. صفت. ٿورو آلو ، اَڊوکو. ث اَمالي جمع اَماليُون.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal