ففٿ ڪالم
ڇاڙتو-غدار-لڙائيءَ ۾ دشمن جو پگهاردار ايجنٽ گروهه
هي اصطلاح پهريون ڀيرو 1936ع ۾ اسپين جي گهرو لڙائيءَ دوران اتان جي هڪ فوجي جنرل ’ايميلو مولا‘ جي طرفان ريڊيائي خطاب ۾ ڪتب آندو ويو. ان جنرل اسپين جي راڄڌاني ’مئڊرڊ‘ جي شهر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ريڊيي تي اعلان ڪيو ته سندس ڪمان ۾ آمريتي فوج شهر تي فوج جي چئن ڪالمن ۽ شهر ۾ موجود سندس ايجنٽن جي شڪل ۾ ’پنجين ڪالم‘ (جمهوري حڪومت جي خلاف غداري ڪندڙ حلقي تي ٻڌل) جي مدد سان قبضو ڪرڻ واري آهي . اهو ساڳيو اصطلاح جڳ مشهور آمريڪي ناول نويس ’ارنيسٽ هيمنگوي‘ پاران سندس ڪتاب The Fifth Column and the First Forty Nine Stories ۾ استعمال ٿيڻ کان پوءِ تمام گهڻو مشهور ٿيو . اڳتي هلي ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۽ ان کان پوءِ هن اصطلاح جو واهپو ڏاڍو وڌيو ۽ مختلف حلقن پاران ديش دروهي ڪردارن ۽ قومن جي مفادن جي قرباني ڏيندي ذاتي لوڀ جي حاصلات لاءِ غير جمهوري قوتن يا ڌارين حملي آورن سان سهڪاري مقامي فردن/گروهن لاءِ پڻ اهو اصطلاح ڪتب آندو ويو
پنهواري
اسم خاص. تعلقي نوشهري ۾ هڪ ديهه جو نالو. ضلعي سکر جو هڪ ڳوٺ جتي مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي استاد مولانا عبدالقادر جو وڏو مدرسو هو.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal