SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Fibula

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • fibjulə

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Fibula

فِب.يو.لا

پنيءَ جي ٻن ڊگهن ھڏن مان ٻاھريون سنھڙو ھڏو. فيبولا، ٽبيا (tibia /shin) کان گهڻو سنھڙو ۽ ان سان گڏ ھيٺ ويندڙ ۽ ٻنھي ڇيڙن تي ٻنڌين سان ٻڌل ٿئي ٿو. فيبولا جو مٿيون ڇيڙو گوڏي تائين نٿو ٿئي پر ھيٺيون ڇيڙو ٽبيا کان به ھيٺتي ٿئي ٿو ۽ مُري جي سنڌ (ankle joint) جو ھڪ حصو جوڙي ٿو. فيبولا انھن ھڏن مان ھڪ ٿئي ٿو جيڪي گهڻو عام ڀڄي پون ٿا. پاٽس فريڪچر (Potts’s fracture) فيبولا جي ان ڀڳ کي سڏجي ٿو جيڪا مري کان بلڪل مٿتي، مري جي نڪري پوڻ سان ۽ ورلي ٽبيا جي ٽٽڻ سميت ٿي پوي ٿي.


Remember Me Also:

خانگي

ذ. صفت. [ف] گهر جو ، گهريلو. نِج ، ذاتي ، شخصي ، پنهنجو. نويڪلو ، خلاصو. خاص. پوشيدو ، ڳجهو ، مخفي. غيرسرڪاري.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal