فيمينزم
عورت واد
” تنقيدي سماجي نظريي“ جي اڀياسي شاخ، جيڪا اهو معلوم ڪرڻ تي زور ڏئي ٿي، ته بين الاقوامي تعلقات ۾ صنف يا جنس (Gender) جي معاملي کي ڪهڙي انداز ۾ سوچيو، لنوايو يا نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. هن نظريي جي وڪيلن جو خيال آهي ته بين الاقوامي تعلقات ۾ ٻين موضوعن ۽ رُتبن (مثال طور مُدبر، سپاهي ۽ پناهه گير وغيره) کي اهميت ڏيندي عورت ۽ مرد جي روين ۾ تعارف ۽ نقطئه نظر ۾ موجود مختلف رخن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح خاص طور عورت کي هڪ مخصوص گهريلو زندگيءَ جي واڙي ۾ بند ڪري سندس ڪردار کي مبهم بڻائي کيس ”صنف نازڪ“ جي سڃاڻپ تائين محدود ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري ضرورت آهي، بين الاقوامي تعلقات ۾ صنفي تعارف کي نظر انداز ڪرڻ واري رويي کي ختم ڪيو وڃي، ته جيئن رياستي معاملن ۾ دنيا جون ٻئي صنفون هڪ جهڙائيءِ سان بهرو وٺي سگهن، ائين ڪرڻ سان بين الاقوامي تعلقات جي علم ۽ ان جي وسعت بابت ٻڌايل پراڻين ڪهاڻين جي تدارڪ کان سواءِ، امن ۽ جنگ جي تصورن بابت به نظريا تبديل ٿيندا ۽ بين الاقوامي نظام جي ترقيءَ ۾ عورتن جي حصي جي دُرست ڪٿ ڪري سگهبي. انهيءَ کان علاوه انساني حقن بابت عورتازاد وضاحت (Feminist Interpretation) ملڻ سميت بين الاقوامي سياسي معيشيت ۽ ڀونءِ- واد جي تصورن کي به چٽائيءَ سان سمجهڻ ۾ مدد ملندي. تحريڪ طور عورت واد صنفي يا نسبي متڀيد جي بنياد تي رياستي پاليسيون ٺاهڻ واري عمل کي دنيا جي پر امن ترقيءَ واري تصور جي خلاف سمجهندي، رياست جي اعليٰ ادارن ۽ ٻين فورمن تي عورتن جي موقف کي مڃتا ڏيارڻ ۽ سياسي، معاشي ۽ سماجي برابريءَ سميت زندگيءَ جي مڙني رُخن ۾ مردن جيترا حق حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. اهڙي طرح اها تحريڪ ”عورتن جي حقن“ بابت روايتي تصور کان اڳڀرو وڃي، انساني سماج لاءِ رهنما ڪردار جي طلب ڪري ٿي. پنهنجي تواريخي پس منظر ۾ هيءَ تحريڪ عورتن لاءِ سماجي تحفظ، ملڪيت ۾ حصي ۽ راءِ (Vote) جي حق کان شروع ٿي، عورت جي تحفظ ۽ آزاديءَ واري طلب کي مڃائيندي، گهريلو تشدد، جنسي تشدد ۽ حراس کان مڪتي ڏيارڻ، ڪم واري جڳهه تي پگهار سميت، پنهنجو مستقبل پاڻ چونڊڻ ۽ جوڙڻ جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندي آئي آهي، هن تحريڪ جي روايتي طور سرواڻي آمريڪا ۽ يورپ جي صنعتي معاشري سان لاڳاپيل عورت اڳواڻن ڪئي آهي. جيتوڻيڪ هن سلسلي ۾ پندرهين صديءَ کان ”ڪرسٽين ڊي پزان“ (Christine de Pizan) جي سوچن کي وڏي اهميت حاصل آهي. ارڙهين صديءَ ۾ ’مئري وُول اسٽون ڪرافٽ‘ کي هن تحريڪ جي بانيڪارن مان مڃيو وڃي ٿو، جڏهن ته ان کان پوءِ آمريڪا جون ’ سوسن بي انٿوني‘ ۽ ويهين صديءَ ۾ ’ورجينيا وولف‘ فرانس جي ”سيمون ڊي بِوا“ (Simone de Beouvoir) جي تحريرن ۽ جدوجهد کي وڏي مڃتا مليل آهي. جديد دور ۾”فيمينزم“ جا هڪ سو کان مٿي قسم بيان ڪيا وڃن ٿا
نمستي
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal