
Fats and oils
في.ٽس ـ اينڊ ـ آئل
غذائون جيڪي جسم کي گهڻي گهاٽي انداز ۾ توانائي مھيا ڪن ٿيون. فيٽس، کي لپڊس به سڏجي ٿو اھڙا مرڪب ٿين ٿا جن ۾ ڪاربان ۽ ھيڊروجن جون لڙھيون تمام گهٽ آڪسيجن واريون ٿين ٿيون. ڪيميائي طور تي، سڻڀن ۾ گهڻي ڀاڱي فيٽي ايسڊس (fatty acids) گليسيرول (glycerol) سان گڏ ھجن ٿا. انھن کي ھيڊروجن ايٽمن جي نسبت سان مکيو ٻن قسمن سيچوريٽيڊ (saturated) ۽ اَن سيچوريٽيڊ (unsaturated) ۾ ورھايو وڃي ٿو. جيڪڏھن فيٽي ايسڊس ۾ وڌ ۾ وڌ ممڪن حد تائين ھيڊروجن جو مقدار موجود ھجي ٿو ته سڻڀ سيچوريٽيڊ ٿين ٿا. جيڪڏھن ڪاربان لڙھيءَ جا ڪي ھنڌ ھيڊروجن کان وانجهيل ھجن ٿا ته اھي اَن سيچوريٽيد ٿين ٿا. پر جڏھن ڪيترائي ھنڌ خالي ھجن ٿا ته اھي پالي انسيچوريٽيڊ ھجن ٿا (polyunsaturated). مونوسيچوريٽيڊ فيٽس (monounsaturated)، اَن سيچوريٽيڊ فيٽس ٿين ٿا جيڪي رڳو ھڪ ھنڌ تي ھڪ واڌو ھيڊروجن حاصل ڪري سگهن ٿا. جانورن جا سڻڀ (فيٽ) جھڙوڪ گوشت ۽ ڊيئري جي شين وارا گهڻي ڀاڱي سيچوريٽيڊ ٿين ٿا ته سبزين وارن سڻڀن ۾ اَنسيچوريٽيڊ ھجڻ جو لاڙو موجود ٿئي ٿو.
سرهو ڪرڻ
خوشبوءِ دار بنائڻ. ڪنهن جو ڪفن دفن ڪرڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal