
Familial mediterranean fever
في.مِي.لِي.ئل ـ ميڊيٽيرينيين ـ فيور
ھڪ اھڙي موروثي بيماري جيڪا ڪن شيفرڊڪ يھودين (Sephardic Jewish)، آرمينين ۽ عرب خاندانن کي متاثر ڪري ٿي. جنھن جي ڪارڻ جي ڄاڻ ڪونھي. عام طور تي ان جون نشانيون 5 ۽ 15 سالن جي عمر جي وچواري عرصي ۾ ظاھر ٿين ٿيون جن ۾ وري وري بخار جو اٿلي پوڻ، پيٽ ۽ ڇاتيءَ جو سور ۽ آرٿرائيٽس ٿئي ٿي. ورلي چمڙيءَ تي ڳاڙھا ڊٻڙ ٿي پون ٿا ۽ متاثر ٿيندڙ فرد نفسياتي مسئلن جو به شڪار ٿي پون ٿا. عام طور تي بيماريءَ جو حملو 2 ـ 4 ڏينھن تائين يا وڌيڪ به ھلي سگهي ٿو. حملي جي وچواري وقت ۾ ڪي به نشانيون پيدا نٿيون ٿين. جيتوڻيڪ فيميليئل ميڊيٽيرينيئن فيور جو مخصوص علاج ڪونھي تنھن ھوندي به جن فردن کي ھن بيماريءَ جا حملا ٿيندا رھن ٿا اھي ڪولڪيسين (colchicine) جي استعمال سان حملن جي زور کي گهٽائي سگهن ٿا. اھڙو فرد، ھن بيماريءَ سبب پيدا ٿيندڙ اميلوئاڊوسس (amyloidosis) پيچيدگي ۾ نيٺ مري وڃي ٿو.
هٿ ڏس تي هلڻ
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal