SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Existentialism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • existentialism
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Existentialism

ايگزسٽينشلزم

وجوديت

فلسفي جي دنيا ۾ اُڀريل هڪ نظريو، جنهن مطابق هن بي معنيٰ دنيا ۾ انسان آزاد ۽ پنهنجن عملن لاءِ پاڻ جوابدار آهن. هڪ تحريڪ جي حيثيت ۾ ان جو زور انفرادي و جود جي داخلي مسئلن، انفرادي آزادي ۽ انساني نفسياتي وارتائن جي سندس سماجي روين تي پوندڙ اثرن جو تجزيو ڪرڻ هو. ان تحريڪ اڻويهين ۽ ويهين صدي عيسويءَ جي ڪيترن ناميارن ليکڪن تي اثر ڇڏيو. ڪريڪيگارد، هيڊگر، بوبر مارسل، ڪافڪا، ڪامئو ۽ سارتر وغيره هن تحريڪ جا روح روان رهيا آهن. وجوديت جي فڪر ٻي عالمي لڙائيءَ کانپوءِ تباهه ۽ ڀڙڀانگ ٿيل يورپ ۾ تمام گهڻي شُهرت ماڻي ۽ جنگ جي نتيجي ۾ ماڻهن منجهه پيدا ٿيل مايوسي ۽ بيزاريءَ جي جذبن جي ادب ۽ ٻين شعبن ۾ ڀرپور عڪاسي ڪئي.


From Dictionary of Political Terms


Existentialism

وجوديت

جين پال سارتر“ هن نظريي جو باني آهي،جيڪو ڪارل مارڪس جو نظرياتي پوئلڳ هو. هي اصطلاح کاٻي ڌر جي سياست لاءِ استعمال ٿئي ٿي.


Remember Me Also:

ساقط ڪرڻ

ڪيرائڻ ٻار يا حمل. علم عروض ۾ شعر جو بحر يا وزن ڪيرائڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal