
Etanercept
اِ.ٽانر.سيپِٽ
ھڪ اھڙي دوا جيڪا اِميون سرشتي جو ڪم تبديل ڪري ڇڏي ٿي. ان جي ڪشن رستي لڳندڙ ھيءَ دوا ريوميٽوائڊ آرٿرائيٽس (rheumatoid arthritis)، شديد پليڪ سورياسس (plaque psoriasis)، شديد ايڪائيلوسنگ اسپونڊيلائيٽس (ankylosing spondylitis) ۽ ڪن حالتن ۾ جووينلائين آرٿرائيٽس (juvenile arthritis) لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي. گهڻيءَ حد تائين اگرا اثر پيدا ڪري سگهي ٿي جن ۾ اوڪارا، پيٽ جو سور، دل جي وڌندڙ ناڪاري، الرجيءَ جھڙا ردعمل، بخار، ڊپريشن ۽ رت جا نقص ٿي سگهن ٿا. شديد روڳ وارن فردن کي اِٽانرسيپِٽ نه ڏيڻ گهرجي.
بم
ذ. [سن. وَم] فقيرن جوڳين جو نعرو ”بم بم مَهاديو!“. [ف. بَم، بِم] دُهل، ڌُڪڙ، پڪواز يا نغاري جو نَرُ ڳرو پاسو جنهن تي هٿ يا ڌڪ هڻڻ سان وڏو ۽ ڳرو آواز نڪري. راڳ يا ساز جو ٿُلهو ۽ اُچو آواز ، ”زير“ جو ضد. ٻٽاڪ ، لاف. ڏٽو ، ڳلٿو ، گشو ، دم. خاموشي ، ماٺ
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal