SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Escherichia coli

(click word to listen sound
  • 🔊
  • escherichia
  • coli
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Escherichia coli

E. coli

(اَيش.ي.ريڪ.يا ـ ڪولِي/ اِي. ڪولِي) ھڪ اھڙي بيڪٽيريم (bacterium) جيڪا عام طور تي آنڊي ۾ ٿئي ٿي جيڪڏھن پيشاب نليءَ رستي مثاني تائين پھچي وڃي ته پيشاب سرشتي جي روڳن پيدا ڪرڻ جو عام ڪارڻ ٿي پوي ٿي. ڪن قسمن جي اي. ڪولي ٽريولرس ڊائريا (traveller’s diarrhoea) پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي عام طور تي ھلڪي بيماري پيدا ڪري ٿي ته ان جا ڪي قسم (جھڙوڪ: اسٽرين 0157) ڪيترن قسمن جي شديد وائي پيدا ڪري گئسٽرواِنٽيرائيٽس (gastroenteritis) ۽ ھيمولائيٽڪ يوريميا سنڊروم (haemolytic uremic syndrome) پيدا ڪري سگهن ٿا. کاڌخوراڪ جي سٺي صفائي سٿرائي رکڻ ۽ ھٿن ڌوئڻ ڏانھن ڌيان ڏيڻ سان کاڌي رستي اِي. ڪولي جي روڳن کي پکڙجڻ کي روڪي سگهجي ٿو.


Remember Me Also:

وريو

وَريو جمع وَريا (ل)

ذ . وريو، ڪچي کوهه کي لئي جي ٽارن سان ٻڌڻ . لئي جا ٽارا گڏ ڪري نوڙيءَ سان ٻڌي هڪ ڪاٺ جو نوڙ ٺاهين، جنهن کي ويڙهي کوهه جي تر کان رکن. گهوڙي جي سنجهه جو هڪ حصو يا ساز. (سن. ورت= ڦرڻ) . موٽي، وري.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal