SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Envoy

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • envɔi

From the English to Sindhi Dictionary:

Envoy

سفير، ايلچي


From the Dictionary of Official Terms:

Envoy

سفير- نمائندو- ايلچي


From the Dictionary of International Relations:

Envoy

اينواء

ايلچي- نياپو پهچائيندڙ- عيوضي

مڪمل سفير کان گھٽ درجو رکندڙ سفارتڪار، جنهن کي ڪو خاص مقصد سونپيل هجي، Envoy جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو هو. اڄ ڪلهه ان عهدي تي ڪنهن به اهڙي تجربيڪار سفارتڪار کي مقرر ڪيو وڃي ٿو، جيڪو پنهنجي گھڻ- رُخي پس منظر ذريعي مليل ذميداريءَ کي مهارت سان مڪمل ڪري سگھي. اهڙا سفارتڪار جن کي ڪنهن خاص تڪراري صورتحال کي ختم ڪرائڻ يا ڪنهن ڏکي حدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ خاص طور تي ذميواريون ڏنيون وينديون آهن ته ان کي ”خاص ايلچي“ (Special Envoy) سڏيو ويندو آهي. مثال طور: افغان معاملي ۾ مشهور سفارتڪار ’ڊيگوڪارڊو ويز‘ گڏيل قومن جي خاص ايلچي جو ڪردار ادا ڪيو. ان کان علاوه اهڙا سفارتڪار جن کي مخصوص حالتن کي نظر ۾ رکندي بدلجندڙ ماحول مطابق پنهنجي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي اجازت مليل هجي ته ان کي ”غير معمولي عيوضي“ (Envoy Extraordinary) جي اصطلاح سان سڏيو وڃي ٿو. عيوضين جو ڪم مخصوص مدت يا مسئلي سان لاڳاپيل هوندو آهي، جنهن جي ختم ٿيڻ کان پوءِ سندن منصب /ذميواري به ختم ٿي ويندي آهي.


Related words with: Envoy


.


Other Phrases of Envoy used in Daily life:

Remember Me Also:

واء ڪڍڻ

واءُ ڪَڍَڻُ

مانيءَ کي تئي تي پچن وقت واءُ ڀرجڻ ۽ ٽڦڻيءَ سان ٿورو اُٿلائڻ، اجايا ڍيڪ ڇڏڻ، واهيات ڳالهائڻ. بي فضيلتو ڳالهائڻ، اڍنگو ڳالهائڻ، ڪنهن کي سختي سان سڌو ڪرڻ، سنئين نموني تي آڻڻ، سڌي راه تي آڻڻ، سنواري ڇڏڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal