SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


English School of I.R

(click word to listen sound
  • 🔊
  • iŋgliʃ
  • sʃuːl
  • ɔf
  • aiəmɔːfuliːsɔriː
  • r
  • )

From the Dictionary of International Relations:

English School of I.R

انگلش اسڪول آف آءِ.آر

علم بين الاقوامي تعلقات سان لاڳاپيل انگريز دانشورن جو حلقو

بين الاقوامي لاڳاپن بابت جديد تصور ڏيندڙ، هي دانشور حلقو ”لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس“ واري اداري سان تعلق رکي ٿو. هن حلقي بابت مشهور مبصر Roy.E.Jones سڀ کان اڳ پنهنجي مضمون ‘Review of International Studies’ ۾ تذڪرو ڪيو. هن حلقي ۾ سي . اي . ڊبليو . ميننگ ۽ مارٽن وائيٽ کي پايو وجهندڙ سمجهيو وڃي ٿو، ’پر هيڊلي بُل‘، ’ايف ايس نارٿيج‘، ’مائيڪل ڊونيلان‘، ’ايلن جيمس‘، ’آر-جي ونسينٽ‘ ۽ ’جيمس مَيل‘ به هن لڏي ۾ شامل آهن. هيءُ حلقو دُنيا ڏانهن تڪميل پسنديءَ وارو (Holistic) رويو رکڻ ڪري ”بين الاقوامي سماج وارو نظريو“ رکندڙ لڏي طور مشهور آهي. هن نظريي مطابق ڪنهن به رياست جي تصور کي مروج قانونن، ريتن رسمن، قدرن ۽ ادارن کان پرڀرو ڪري نٿو سمجهي سگهجي. ان لحاظ کان بين الاقوامي تعلقات جي مضمون کي سماجي جوڙجڪ کي سمجهڻ ۽ ان لاءِ مرتب ڪيل اصول جوڙيندڙ علم چئي سگهجي ٿو، جيڪو عدم مرڪزيت جي نُڪتي تحت موجود رياستي نظام ۾ نظم ضبط ۽ آزاديءَ جي ِِِِضمانت ڏئي ٿو. هيءُ حلقو ”آمريڪن اسڪول آف سائنٽفڪ پاليٽڪس“ جي اُبتڙ نظريي ۾ يقين رکي ٿو. لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس سان لاڳاپيل آسٽريليائي، ڏکڻ آفريقي، اسڪاٽش ۽ ويلش مُفڪر هن لڏي جو حصو آهن.


Remember Me Also:

تيلي

ث. ڪنهن گاهه يا سلي جو سنهون ڪانو ، تِيلو. ڪانهن يا سَر جي ڪاني جو ٽُڪر. ماچيس ۾ پيل دارون لڳل سنهڙي ڪاٺي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal