
Endoscope
اين.ڊو.اسڪوپ
ھڪ نلڪي جھڙو تپاسڻو اوزار جيڪو جسم جي ڪنھن ڀانڍي ۾ وجهي ڪنھن نقص جي جاچ يا علاج لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اينڊواسڪوپ لچڪدار ٿين ٿا يا نھرا. ڪو به لچڪدار فائبرـ آپٽڪ (fibre-optic) اينڊواسڪوپ روشني پيدا ڪندڙ تاندورن جو ھڪ مچڪو ٿئي ٿو. جنھن جي منھن تي آءِ پيس (eyepiece)، ڦرندڙ ساج (steering device) ۽ روشنيءَ جو ھڪ ذريعو ٿئي ٿو، چوٽيءَ تي روشني، ھڪ لينس ۽ ھوا يا پاڻي خارج ڪرڻ جو سوراخ ۽ ورلي ھڪ ڪئميرا به ٿئي ٿي جنھن رستي اسڪرين تي تصوير ڏسي سگهجي ٿي. پاسن وارن چينلن رستي اينڊواسڪوپ ۾ جراحيءَ جا مختلف اوزار وجهي سگهجن ٿا. نھرو، اينڊواسڪوپ ھڪ سڌو ٽيوب ٿئي ٿو جنھن ۾ روشنيءَ جو بندوبست به ھجي ٿو.
ريٻاري
ذ. اسم خاص هڪ ذات جو نالو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal