
Empyema
اِيم.پي.ايمَا
جسم جي ڀانڊي يا ڪن عضون ۾ پونءِ (pus) جو گڏ ٿيڻ. اِيمپيئيمَا ڪنھن ڦڦڙ جي چوگرد ڪنھن روڳ جھڙوڪ: نمونيا (pneumonia) يا پليوريسي (pleurisy) جي ورلي ٿيندڙ پيچيدگيءَ سبب پيدا ٿي سگهي ٿي. جنھن جي مکيو نشاني ڇاتيءَ جو سور، ساه جي مونجهه ۽ بخار ٿئي ٿو. علاج لاءِ ايسپائريشن (aspiration، پونءِ ڊوھي ڪڍڻ) ڪرڻي پوي ٿي، اينٽيبياٽڪ جون ان جي ڪشنون ھڻائڻيون پون ٿيون يا آپريشن رستي ڇاتي کولي پونءِ خارج ڪرڻي پوي ٿي. پتي (gallbladder) جي اِيمپيئيمَا، ڪوليسِسٽِيٽس (cholecystitis، پتي جي سوزش) جي پيچيدگيءَ سبب تڏھن پيدا ٿي پوي ٿي جڏھن اھا پيٽ جو سور، بخار ۽ يرقان (jaundice) پيدا ڪري وجهي ٿي. ان جو علاج آپريشن رستي پتي کي ڪڍي ڇڏڻ ٿئي ٿو.
ڳچيء پوڻ
گلي پوڻ. وڙهڻ ، جُلِههَ ڪرڻ ، اُلر ڪرڻ ، حملو ڪرڻ ، جهيڙو ڪرڻ ، هٿين پوڻ. نزول ٿيڻ. مرضيءَ جي خلاف ڪو به ڪم ڪرڻ لاءِ ملڻ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal