SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Eating disorders

(click word to listen sound
  • 🔊
  • iːtiŋ
  • disɔːdəz
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Eating disorders

ايٽنگ ـ ڊس.ئارڊر

نفسيات جي لحاظ کان کاڌي جي ابترين ۾ چار قسم شامل ٿين ٿا: اينوريڪسيا نرووسا (anorexia nervosa)، بُليميا (bulimia)، ريومينيشن ڊسئارڊر (rumination disorder) ۽ پڪا (pica). انوريڪسيا نرووسا ۾ بک ڪاٽي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته، اھڙن فردن جو ويساه ٿئي ٿو ته سندن وزن گهڻو آھي پوءِ ڀلي ته بدغذائيت سبب سندن جسم کل جھڙا ڇو نه لڳندا ھجن. بُليميا ۾ حد کان وڌيڪ کائجي ٿو ۽ پوءِ الٽي ڪري ڪڍي ڇڏجي ٿو يا جلاب ۽ پيشاب ڪرائيندڙ دوائون استعمال ڪجن ٿيون ته جيئن وزن وڌي نه سگهي. انوريڪسا جا ڪيترا مريض بک ڪاٽڻ سان گڏ بُليمي طريقا به استعمال ڪن ٿا. عام طور تي اھڙيون ابتريون عورتن خاص طور تي نوجوان ڇوڪرين کي متاثر ڪن ٿيون بنسبت مردن جي جن ۾ تمام گهٽ ٿين ٿيون، ڪيترن محققن جو خيال آھي ته انوريڪسيا ۽ بليوما جو ڪارڻ دماغ ۾ ڪيميائي اڻبرابري ٿئي ٿي. ٻين جو وساه آھي ته ان جو ڪارڻ سماجي رويا ٿين ٿا جتي سنھڙائپ کي قدر جي نگاه سان ڏسجي ٿو. عام طور تي ريومينيشن، ٻالڪپڻي ۾ شروع ٿئي ٿي جنھن ۾ بار بار اوڳاڇڻ سان گڏ وزن گهٽائڻو پوي ٿو. جيڪي ابھم اوڳاڇڻ ۾ مبتلا ٿين ٿا اھي اوڳاڇيل کاڌو وري ڳھي وڃن ٿا. پڪا به عام طور تي ابھمن ۾ ٿئي ٿي جيڪي ڪيتريون مختلف غيرغذائي شيون جھڙوڪ: پلستر، رنگ يا پن کائيندا رھن ٿا. عام طور تي ٿلهائپ کي کاڌي جي ابتري نٿو سمجهيو وڃي ڇاڪاڻ ته ان جا ڪارڻ فزيالاجيڪل ٿين ٿا.


Remember Me Also:

ويراڳ

ويراڳُ جمع ويراڳَ

ذ . بيراڳ ، قطع تعلق، تياڳ، سنياس، دنيا ترڪ ڪرڻ يا تارڪ الدنيا ٿيڻ واري حالت، دنيوي خواهش کان نفرت، دنيا کان ڪناره ڪشي. بي آرامي، عشق. فراق، وڇوڙو، غم، درد. روڳُ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal