SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Dyslexia

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • disleksiə

From the English to Sindhi Dictionary:

Dyslexia

پڙهڻ واري سگهه جي خرابي


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Dyslexia

ڊس.ليڪ.س.يا

پڙھي سگهڻ جي قابِليت نه ھجڻ سان گڏ لکيل نشان سمجهي نه سگهڻ. مردن ۾ گهڻي عام ٿئي ٿي. مشاھدن مان ظاھر ٿئي ٿو ته ان جو اصل ڪارڻ ڪو مخصوص، ورلي موروثي اعصابي نقص ٿئي ٿو. ڊسليڪسيا گهٽ ذھانت جي نشاني نٿي ٿئي ان سبب پڙھڻ ۾ جڏي ٻار جي پڙھڻ جا گر عام طور تي ٻين تعليمي قابِليتن کان پوئتي ھجن ٿا. جڏھن ته ڪيترا ننڍڙا ٻار اکر ۽ لفظ اٻتا لکن ٿا (جھڙوڪ: p بجاءِ q ۽ was بجاءِ saw) پر جلد ئي اھڙيون غلطيون درست ڪري ڇڏين ٿا. پڙھڻ ۾ جڏن ٻارن کي اھڙين نشانين جي سڃاڻپ ۾ مونجهارو ٿئي ٿو. اکر اڳتي پوئتي ڪري ڇڏين ٿا (جھڙوڪ: pest بجاءِ step) ھجي جو عام غلطيون ڪن ٿا. ايتري قدر جو اھڙا ٻار جن لفظن جي سولائي سان ھجي ڪري سگهن ٿا اھي به درست طريقي سان اچاري نٿا سگهن. تنھنڪري ضروري ٿئي ٿو ته ان مسئلي جي وقتائتي ڄاڻ رکجي ته جيئن وڌيڪ مونجهارا پيدا ٿي نه سگهن. ان لاءِ مخصوص سکيا رستي ٻارن جي اھا تڪليف ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهجي ٿي. ان سلسلي ۾ والدين جي مٿن پوندڙ دٻاءَ سان گڏ ھو جيڪي ڪجهه ڪري سگهن ٿا ان جي ساراه ڪرڻ به ايتري ئي اھم ٿئي ٿي.


Remember Me Also:

جوٺي

خوشبودار گاهه جو هڪ قسم، جنهن سان ٺِڪر جا ٿانءَ مَليندا آهن، جيئن ٿانوَن ۾ خوشبوءِ ٿئي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal