
Dupuytren’s contracture
ڊو.پُوي.ٽرينس ـ ڪنٽراڪچر
ھٿ جو ھڪ اھڙو نقص جنھن ۾ آڱريون وارئجڻ سان ھڪ يا وڌيڪ آڱريون وريل حالت ۾ سڪ ٿي وڃن ٿيون. جنھن ۾ متاثر فردن جي اٽڪل اڌ جا ٻئي ھٿ متاثر ٿين ٿا. ڪيترين حالتن ۾ ان جو ڪو ظاھر ڪارڻ موجود نٿو ھجي جڏھن ته ڪنھن حد تائين اھا بيماري موروثي ٿي سگهي ٿي. عام طور تي 40 سالن کان وڏيءَ عمر جا ماڻھو ان بيماريءَ ۾ مبتلا ٿين ٿا. چمڙيءَ جو ھيٺيون آڱرين يا تريءَ وارو ماس يا ٽشو ٿلها ٿي سوس کائي وڃن ٿا جنھن سبب آڱرين کي سڌي ڪرڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. آپريشن رستي آڱرين جي نقص کي ختم ڪري سگهجي ٿو پر ڪن حالتن ۾ ساڳي حالت وري پيدا ٿي پوي ٿي. ھڪ نئين علاج ۾ ھڪ مادي ڪوليجينيز (collagenase) جي سَٻر ٿي ويل ماس ۾ ان جي ڪشن ھنئي وڃي ٿي ته ڪوليجينيز مادو سٻر ٿيل مادو ڳاري متاثر آڱرين کي سڌو ڪري ڇڏي ٿو. جڏھن ته ھن مادي جي دور رس فائدن جي اڃان ڄاڻ ڪونھي.
وڏاڻي
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal