
ننڊاکڙائي
Drowsiness
ڊرائو.زي.نيس
ننڊاکڙائپ. ڳَھر. مڪمل سجاڳي ۽ ننڊ (sleep) يا بيھوشيءَ (unconsciousness) جي وچواري حالت. ننڊکڙائپ طبي لحاظ کان تڏھن اھم سمجهي وڃي ٿي جڏھن ڪنھن فرد کي جاڳائڻ، لوڏڻ، چھنڊڙي پائڻ يا سڏ ڪرڻ سان سجاڳ ٿي نه سگهي يا سجاڳ ٿي وري ننڊاکڙو ٿي وڃي. غيررواجي طور تي پيدا ٿيندڙ ننڊاکڙائپ کي طبي ھنگامي حالت سمجهي علاج ڪجي. جيڪا مٿي جي ڌڪ، تيز بخار، ميننجائِٽس ، يوريميا (uremia، رت ۾ يوريا جو گهڻو مقدار) يا جيري جي ناقص (liver failure) ٿيڻ سبب پيدا ٿي سگهي ٿي. ذيابيطس ميلائيٽس (diabetes mellitus) واري فرد ۾ ننڊاکڙائپ ھائپوگلائيسيميا (hypoglycaemia) يا ھائپرگلائيسيميا (hyperglycaemia) سبب پيدا ٿي سگهي ٿي. الڪوحل يا دوائون به ساڳيو اثر پيدا ڪري سگهن ٿيون.
ٺڪر
ذ. [سن. ٺَڪر = ديوتا، بت مورتي پوڄيندڙ] جل ديوتا جي پوڄارين جو ٻائو. هندو فقيرن جو هڪ فرقو. اڏيري لال جي پوڄارين جو گُرو. سردار. سيڻُ هندن ۾. ڏسو ”ٺاڪر“.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal