SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Double vision

(click word to listen sound
  • 🔊
  • dʌbl
  • viʒn
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Double vision

ڊبل ـ وِ.زن

ان کي ڊپلوپيا (diplopia) جي نالي سان به سڏجي ان ۾ ڪنھن به جسم جا ھڪ بجاءِ ٻه عڪس ڏسڻ ۾ اچن ٿا. عام طور تي اھا ھڪ خاص ٽيڏائپ جي نشاني ٿئي ٿي جنھن کي پئرالائيٽڪ ٽيڏائپ (paralytic squint) سڏجي ٿو ان ۾ اک جون ھڪ يا وڌيڪ مشڪون اک جي چرپر کي متاثر ڪري ڇڏين ٿيون. ان جي ٻين ڪارڻن ۾ اڌ مٿي جو سور (migraine)، اک جي ڇپر جو ڳوڙھو يا اک جي پٺيان ڪو ڳوڙھي يا رت جو دڳ ٿي سگهي ٿو. ٻه عڪس تڏھن پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا جڏھن ايڪسافٿئلمس (exophthalmos) ٿي پوي ٿي جنھن ۾ اندرين ھارموني گڙٻڙ سبب اک جو دوڏو ٻاھر نڪري پوي ٿو. جڏھن ڪنھن ٻار ۾ ٽيڏائپ ھجي ٿي ته سندس علاج ڪرڻ جي ضرورت ٿئي ٿي ته جيئن ايمبلايوپيا (amblyopia/lazy eye) پيدا ٿيڻ کان بچاءَ ٿي سگهيس. وڏن ۾ ٻٽي عڪس نظر اچڻ جي حالت ۾ ترت چڪاس/ڇنڊڇاڻ ڪرائڻ گهرجي.


Remember Me Also:

وائکو ڪرڻ

وائُکو ڪَرَڻُ

هوا ۾ رکڻ، واءُ ۾ رکڻ، هوا کائڻ. هوا ۾ وڃڻ. ظاهر ڪرڻ، پڌرو ڪرڻ، کولي ڇڏڻ، کليل رکڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal