
خيرات يا چندو ڏيندڙ
ڪو شخص جيڪو روڪ رقم، يا اثاثو يا ملڪيت ڪنهن ٻئي شخص کي بنا معاوضي ڏئي ته ان کي عطيه ڏيندڙ چئبو. عطيو گهڻو ڪري سماجي، مذهبي يا ثقافتي ڪمن جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ صاحب حيثيت ماڻهو ڏيندا آهن.
Donor
ڊو.نر
ڪو به اھڙو فرد جيڪو عطيي طور رت يا عضوا، آنا يا مني ڏئي. جيڪي عضوا گهڻا عام ڏنا وڃن ٿا انھن ۾ بڪيون، قرنيا، دل، ڦڦڙ، جيرو ۽ لب لبه ٿين ٿا. ڪي فرد پنھنجي زندگيءَ ۾ ئي عضون جو دان ڏين ٿا ته ڪي رڳو دماغي موت (brain death) کانپوءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا. لازمي ٿئي ٿو ته دان ڏيندڙ فرد ڪينسر، ڪنھن به سنگين روڳ (جھڙوڪ ھيپيٽائيٽس بي) ۽ ايڇ آءِ ويءَ (HIV) کان پاڪ ھجي. دماغي موت کانپوءِ روتڻ يا پيوند ڪرڻ لاءِ عضوا ڪجهه ڪلاڪن اندر حاصل ڪرڻ گهرجن ۽ دل جي ڌڙڪڻ بند ٿيڻ کان اڳ يا ھڪدم پوءِ. بڪيءَ جي پيوندڪاريءَ لاءِ جڏھن ڪو زنده فرد عطيو ڏئي ٿو جيڪو عام طور تي ڪو مٽُ ئي ھجي ٿو ته ان جي جسم جي ٽشوئن جو عطيي وٺندڙ جي ٽشوئن سان ميل کائڻ ضروري ٿئي ٿو (tissue typing). ساڳيءَ طرح سان جيري جي ڪن قسمن جي پيوندڪاريءَ لاءِ عطيي ڏيندڙ پاران پنھنجي جيري جو ڪجهه حصو عطيي طور ڏيڻ ضروري ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته جيرو وري واڌ ڪري سگهي ٿو.
ادب آموز
ادب سيکاريندڙ ، تهذيب جي تعليم ڏيندڙ. استاد. شاگرد.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal