
غالب، حڪم هلائيندڙ، بالا، زبردست
غالب- زبردست
گرامر Adjective
- صفت
حاوِي
Dominant
ڊا.مي.نينٽ
موروثيت يا اَڍ جي سائنس (genetics) ۾ استعمال ٿيندڙ ھن اصطلاح مان مراد ھڪ اھڙيءَ جين (gene) جي آھي جيڪا پنھنجو اثر تڏھن ظاھر ڪري ٿي جڏھن جينوٽائيپ ۾ اڪيلي يا ٻٽيءَ حالت ۾ موجود ھجي جنھن جو مطلب ٿيو ته ڪنھن به غالب جين جو اثر، تڏھن پيدا ٿئي ٿو جڏھن اھا اڪيلي ھجي يا ان جون ٻه ڪاپيون موجود ھجن بنسبت ڪنھن رسيسو (recessive) جين جي جنھن جو اثر رڳو تڏھن پيدا ٿئي ٿو جڏھن ان جون ٻه ڪاپيون موجود ھجن. ھڪ غالب جين ساڳيءَ/ مساوي رسيسو جين تي غالب ھجي ٿي. مثال طور؛ اک جي ناسي رنگ جي جين غالب ٿئي ٿي، تنھنڪري جڏھن به ڪو ٻار پنھنجي ھڪ والدين کان ناسي رنگ واري جين ۽ ٻئي والدين کان نيري رنگ واري جين ورثي ۾ حاصل ڪندو ته اھڙي ٻار جي اکين جو رنگ ناسي ھوندو. ڪن موروثي بيمارين جو فيصلو غالب جينون ڪن ٿيون مثال طور؛ مارفانس سن.ڊروم (Marfan’s syndrome) ۽ ھنٽنگٽنس (Huntington’s disease) ڊزيز. جڏھن به ڪنھن ٻار کي ان جي ھڪ يا ٻنھي والدين کان جين ورثي ۾ منلدي ته کيس اھا بيماري ٿي پوندي.