SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Dollar Diplomacy

(click word to listen sound
  • 🔊
  • dɔlər
  • diplouməsiː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Dollar Diplomacy

ڊالر ڊپلو مئسي

ڊالر سفارتڪاري

پرڏيهي پاليسيءَ جو هي اصطلاح گهڻو ڪري آمريڪا جي سفارتڪاريءَ ۾ استعمال ٿئي ٿو، جنهن مطابق ڊالر (آمريڪي سڪو) کي سياسي، مالياتي ۽ اقتصادي مقصد ماڻڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. آمريڪا پنهنجي سڪي يا مالي سگهه جي ذريعي، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجا مفاد محفوظ بڻائي ٿو. ان سلسلي ۾ هو مُختلف ملڪن ۾ حڪومتي توڙي غير حُڪومتي ڌرين جي مدد ڪري ٿو. اهڙي مدد جي حوالي سان آمريڪي جاسوسي ادارو C.I.A دُنيا ۾ وڏي شهرت رکي ٿو. هيءُ اصطلاح آمريڪي صدر وليم هاورڊ ٽئفٽ (13-1909ع) طرفان لاطيني ۽ وچ آمريڪا لاءِ اختيار ڪيل پاليسيءَ جي حوالي سان به استعمال ڪيو. پر جديد دور ۾ هڪ ٻئي آمريڪي صدر ’ٿيوڊور روزويلٽ‘ کي انهيءَ اصطلاح جو موجد سمجهيو وڃي ٿو. اِن طريقي کي ويهين صديءَ جي شروعات ۾ لائبيريا سميت مُختلف هنڌن تي آزمايو ويو، پر تازو افغانستان واري لڙائيءَ ۾ وڌيڪ ڪامياب ثابت ٿيو. جتي افغان جنگ کٽڻ لاءِ آمريڪا طرفان مڪاني ويڙهاڪ سردارن (War Lords) کي ڊالرن جي صورت ۾ وڏيون رقمون ڏيئي پنهنجي پاسي ڪيو ويو


Remember Me Also:

واسرائڻ

واسِرائِڻُ

مصدر. انتظار ۾ ترسڻ، اوسڙڻ، اون ڪرڻ، بيچينيءَ سان انتظار ڪرڻ، اوسيڙو ڪرڻ. لاڀ پهچائڻ . ڪنهن تي ايڇپو رکي ڪجهه کَٽائڻ. لاڀ هٿ ڪرڻ، ڪنهن مان وٽڻ کٽڻ. (واسرايو، واسرائيندو، واسرايل).

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal