SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Dogs, diseases from

(click word to listen sound
  • 🔊
  • dɔgz
  • diziːziz
  • frɔm
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Dogs, diseases from

ڊاگس ـ ڊزيز ـ فرام

اھڙا روڳ يا پئراسائٽي بيماريون جيڪي ڪتن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ سان ٿي پون. اھي وائرس، بيئڪٽيريا، ڦنگي ، پروٽوزوا، ڪيئنان، جيت يا سيويون (mites) به ٿي سگهن ٿا جيڪي ڪتن جي جسم تي يا اندر رھن ٿا. ڪتن جا ڪيترا پئراسائيٽ انسانن ۾ منتقل ٿي سگهن ٿا. ڪتن جي سڀني کان خطرناڪ بيماري ھڙڪ /ڇتڪتائپ (rabies) ٿئي ٿي. ھڙڪ انگلئنڊ ۾ نٿي ٿئي، جڏھن ته جن ملڪن ۾ ھڙڪ ٿئي ٿي اوڏانھن سفر ڪندڙن کي ڪتي جي چڪ کي مشڪوڪ سمجهي ان جو علاج ڪرائڻ گهرجي. ڪتي جا چڪ شديد قسم جي رتھير ۽ سڪتي واري حالت پيدا ڪري پڪريزي به ٿي سگهن ٿا. ٽوڪسوڪيرياسس (toxocariasis) ۽ ھائڊيٽڊ ڊزيز (hydatid disease) جھڙيون انتھائي خطرناڪ بيماريون ڪتن جي جسم ۾ موجود انھن جي آنن رستي ٿي پون ٿيون. استوائي ملڪن ۾ پيرين اگهاڙي گهمڻ سان جڏھن مٽي، ڪتن جي ڪرفتيءَ سبب غليظ ٿيل ھجي ته ڪتن کي ٿيندڙ ھڪورم انفيسٽيشن (hookworm infestation) بيماري انسانن کي ٿي سگهي ٿي.


Remember Me Also:

وٽڙجڻ

وِٽِڙِجَڻُ

مصدر. کير جو خراب ٿيڻ، ڦٽڻ، ڦاٽي پوڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal