SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Disc prolapse

(click word to listen sound
  • 🔊
  • disk
  • proulæps
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Disc prolapse

ڊسڪ ـ پرو.ليپس

ڪرنگهي جي ھڪ عام تڪليف جنھن ۾ ڪا به انٽرورٽيبرل ڊسڪ ڦاٽي پوي ٿي ۽ ان جي گودي جو ھڪ حصو (pulpy core) ٻاھر نڪري پوي ٿو. جنھن سبب پيڙاڪن سور ٿي پوي ٿو ۽ ورلي تنت جي پاڙ يا گهٽ ورلي مغزي ڏوريءَ تي پوندڙ دٻاءُ معذور ڪري ڇڏي ٿو. جنھن سبب چيلهه جو ھيٺيون حصو گهڻو عام متاثر ٿي پوي ٿو. ورلي اوچتي شديد جهٽڪي سبب ڊسڪ نڪري پوي ٿي، جڏھن ته عام طور تي ايئن آھستي آھستي عمر سان گڏ ڊسڪن جي ڳرڻ جي نتيجي ۾ ٿئي ٿو. جڏھن شياٽڪ نرو روٽ (sciatic nerve root) دٻجي وڃي ته ان سبب شياٽڪ پيدا ٿي پوي ٿو جنھن سان گڏ سُنجڻ ۽ ڪانڊارجڻ ۽ آخر ۾ ٽنگ جي مشڪن تي ڪمزوري پيدا ٿي پوي ٿي. ڳچيءَ جي نڪتل ڊسڪ ڳچيءَ جو سور ۽ ان پاسي جي ٻانھن ۽ ھٿ جي ڪمزوري پيدا ڪري ٿي.


Remember Me Also:

انگ

ث. [سن. اَڱڪ] انگههَ. چيرُ. سُوري ، ڦاهي ”هوت هلندين کٽيو، جن انگن چاڙهيو انگ“ شاهه.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal