SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Diphtheria

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • difθiəriə

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Diphtheria

ڊف.ٿي.ريا

خناق. ھڪ بئڪٽيريائي روڳ جيڪو نڙيءَ جو سوزش، بخار ۽ ورلي سنگين يا موتمار پيچيدگيون پيدا ڪري ٿو، ان جو ڪارڻ ڪورونيبيڪٽيريم ڊفٿريئي (Corynebacterium diphtheriae) ٿئي ٿو. روڳ دوران بيڪٽيريم نڙيءَ يا چمڙيءَ ۾ واڌ ڪري سگهي ٿو. نڙيءَ ۾ ٿيندڙ بئڪٽيريائي واڌ ھڪ اھڙي جهلي پيدا ڪري ٿي جيڪا ڪلين تائين پھچي تارونءَ يا ھيٺ گلو (larynx) ۽ نڙگهٽ (trachea) تائين رسي ساه کڻڻ جون تڪليفون پيدا ڪري ٿي. ٻيون نشانيون ڳچيءَ جي لِمف نوڊن جو وڌي وڃڻ، دل جي رفتار جو تيز ٿي وڃڻ ۽ بخار ٿين ٿا. ورلي، روڳ رڳو چمڙيءَ تائين محدود ھجي ٿو. موتمار تڪليفون رڳو نان اِميون فردن ۾ پيدا ٿين ٿا ۽ بيڪٽيريم جي زھر سبب پيدا ٿين ٿيون. جنھن سبب متاثر فرد ڍيري ٿي پوي ٿو ۽ نڙيءَ جون تڪليفون پيدا ڪرڻ ٿيڻ جي ڏينھن اندر مري سگهي ٿو. گهڻي عام طور تي اھڙو فرد خناق مان تڏھن بحال ٿيڻ شروع ٿئي ٿو جڏھن ھرٽ فيلوئر (heart failure) يا نڙيءَ يا ٽنگن ٻانھن جو فالج ٿي پوي ٿو.


Related words with: Diphtheria


Remember Me Also:

پرسن، پرسن

ذ. صفت. [سن. پرَسَن] تازو توانو ، تندرست. خوش ، سرهو ، آباد.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal