
Designer drugs
ڊزائينرـ ڊرگس
غيرقانوني طور تي اھڙن ڪيميائي مادن جو گروپ جن مان اصلي دوائن جھڙا نقلي اثر پيدا ٿيندا ھجن جن جو غلط استعمال ڪجي ٿو. انھن جي استعمال سان نشي پتي جي دوائن استعمال ڪرڻ جي عادت پوي ٿي ۽ نشي پتي جي دوائن جي زھرن ۾ مبتلا ٿجي ٿو. انھن جا مکيا ٽي گروپ ٿين ٿا: اوپِيئوئڊ اينلجيسِڪ دوائون (opioid analgesic drugs) جھڙوڪ: فينٽانيل (fentanyl)، ايمِفيٽاميائين (amphetamines) جھڙيون دوائون جھڙوڪ: اِڪسيٽيسي (ecstasy، بي خودي) ۽ فينسائيڪليڊين (phencyclidine/PCP) جا مختلف قسم ۽ ھيلوسينوجڪ (hallucinogenic، وھم، وسوسا پيدا ڪندڙ) دوائون. انھن انتھائي طاقتور دوائن جي اُگرن اثرن يا انھن مان تيار ٿيندڙ گورين ۽ ڪيپسولن جي طاقت جي تپاس نٿي ڪئي وڃي جنھن سبب انھن جو استعمال خطرناڪ ٿئي ٿو. ايمفيٽامائين مان تيار ٿيندڙ دوائون جي متحرڪ ڪندڙ مقدار کان جڏھن اھي رڳو معمولي وڌيڪ وزن ۾ استعمال ڪجن ٿيون ته دماغ کي ڇيھو رسائي سگهن ٿيون. اھڙين ڪيترين ٺھندڙن دوائن ۾ خطرناڪ غلاظتون به موجود ٿين ٿيون.
کٽي
ث . نفعو ، فائدو ، لاڀ ، ڪمائي ، اپراسو ، آوت ، آمدني ، پيسو. پورهيو ، مزدوري . راند ۾ جيت ، کٽ . صفت. ڌوٻي ، پرٽ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal