ڊپينڊنسي ٿيئري
سهاري وارو نظريو
هن متي مطابق ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته پوئتي پيل ملڪن جي اڪثريت پنهنجي خمير ۾ ”غريب“ نه آهي، پر بيٺڪي راڄ ۽ ”ترقي يا فته“ دُنيا جي پرڏيهي قبضي هيٺ رهندي، غريب ملڪ پنهنجو پاڻ تي ڀاڙڻ بجاءِ هميشه قابض قوتن جي ترجيحن موجب پنهنجو ڪاروهنوار هلائيندا رهن ٿا.ان عادت سبب نالي ماتر آزاديءَ کان پوءِ به غريب مُلڪن جون حڪومتون اڳوڻين قابض حڪومتن جون ٻڌيون ٻانهون رهن ٿيون. جيئن ته ماضيءَ ۾ مٿن قابض رياستون هرحال ۾ کانئن وڌيڪ سگهاريون هونديون آهن، تنهنڪري نه چاهيندي به انهن مٿان مدار رکڻ کان سواءِ غريب مُلڪن وٽ ٻيو ڪو رستو نه هوندو آهي. انهيءَ ڪري آزاد ٿيل ملڪن جي ابتدائي ترقيءَ واري مرحلي کي اُسريل رياستن جي زندگيءَ جي معيار سان ڀيٽڻ زيادتي هوندي
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal