SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Demontage

(click word to listen sound
  • 🔊
  • demontage
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Demontage

ڊيمانٽيج

ڊاهڻ - پَٽڻ - لَڏڻ

جرمن ٻوليءَ جي هن لفظ جو لُغتي مطلب آهي ’ڊاهڻ‘، جيڪو بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ڪنهن به اتحاد يا سهمتيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي . جڏهن به ڪو سگهارو ملڪ ڪنهن حلقي ۾ پنهنجي قومي مفادن جي تڪميل نه ٿيندي ڏسندو آهي ، ته پهريائين اهو پنهنجي مرضي هلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ، پر رنڊڪن جي صورت ۾ لاڳاپيل حلقي يا فورم کي خاتمي کي ترجيح ڏيندو آهي . ان جي نتيجي ۾ پاليسين ۾ تمام گهڻيون تبديليون اچي وڃن ٿيون . ان کان علاوه جڏهن ڪا سيڙپ- ڪار ڪمپني پرڏيهه ۾ قائم ڪيل پنهنجن ڪارخانن/ اثاثن کي خطري ۾ ڏسندي آهي ۽ انهن کي امڪاني نقصان جا انديشا هوندا آهن، ته اها ڪمپني لڳايل اوزارن ۽ مشينري پٽڻ سان گڏوگڏ پنهنجي سيڙپ کي جلد کان جلد ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندي آهي . جنگي هُنر جي حوالي سان جڏهن ڪنهن ملڪ جي رٿاڪارن يا ماهرن کي مُلڪي علائقي جي وڃائجڻ جي پڪ ٿي ويندي آهي يا ڪا فوج قبضي کان پوءِ ڦٻايل ملڪ خالي ڪري رهي هوندي آهي ، ته اُها ويندي ويندي قيمتي عمارتن ۽ سرشتن کان وٺي فصلن تائين هر شئي کي پَٽي ۽ ڀيلي ڇڏيندي آهي ته جيئن انهن مان مخالف ڌُر فائدو نه وٺي سگهي


Remember Me Also:

نامه بر

نامَه بَرُ

ذ . صفت. خط کڻي ويندڙ، قاصد.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal