قانون موجب
ڊي جيور
قانوني- قانون مُطابق يا حقي واجبي
پُراڻي دور کان لاطيني زبان ۾ استعمال ٿيندڙ هي اصطلاح ، جنهن جي لُغوي مطلب ‘قانون مطابق‘ ٿيندو . جديد دور ۾ ڪنهن به صورتحال کي واضح ڪندي ان جي قانوني( Dejure ) ۽ حقيقي (Defacto) پهلوءَ کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي . دنيا جي ڪا به حڪومت/ادارو جڏهن Dejure هوندو آهي ، ته ان جي حيثيت قانوني / جائز بڻجي ويندي آهي کيس ۽ سندن کنيل قدمن کي سڄي دنيا ۾ تسليمي ملي ويندي آهي . ڪن صورتن ۾ جڏهن ڪو سازشي ٽولو چونڊيل قانوني حڪومت جو تختو اونڌو ڪري رياستي اقتدار تي قبضي تي قبضو ڪندو آهي ، ته عملي طور تي (Defacto) موجب رياست ۾ سندس حڪم هلندو آهي ، پر عالمي برادريءَ ۾ کيس مڃتا پوءِ به نه ملي سگهندي آهي . ان جي اُبتڙ اقتدار تان لاٿل جلاوطن حڪومت کي قابض ٽولي جي جاءِ تي مختلف عالمي فورمن تي مڃتا ملندي آهي . بين الاقوامي سياست ۾ ڪيترا مُلڪ وٽن موجود مقامي يا عالمي قانونن جي هوندي به قومي مفادن کي اهميت ڏيندي انهن تي عمل نه ڪندا آهن ، جنهن جي نتيجي ۾ تڪرار جنم وٺندا آهن
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal