
بدشڪلي، بدصورتي، ڏنگائي، عيب
ڊيفارمٽي
بي ڊولائي، بدشڪلي، ڪوجھائي
جسماني عيب- جسماني نقص
Deformity
ڊِ.فار.مي.ٽي
بي ڊولائپ، وِڏ يا جسم جي ڪنھن حصي جو ڪو نقص. بي ڊولائپ پيدائشي (congenital) ته ڪنھن حادثي، ضرب يا غلط استعمال سبب به پيدا ٿي سگهي ٿي. نسبتاً ڪيتريون پيدائشي بي ڊولائپون ورلي ٿين ٿيون. انھن ۾ گهڻيون عام، ڪلب فوٽ (club-foot/talipes)، ڪليفٽ لپ اينڊ پيليٽ (cleft lip and palate) ٿين ٿيون. جن ضربن سبب بي ڊولائپون ٿي پون ٿيون انھن ۾ سڙي پوڻ، مشڪن جو ڏري پوڻ ۽ ھڏن جو ڀڄي پوڻ شامل ٿين ٿيون. جن بيمارين سبب بي ڊولائپون ٿي پون ٿيون انھن ۾ اعصابي مسئلا، ڪجهه اوڻايون جھڙوڪ: ھڏن جي بيماري ھڏڙي (rickets) ۽ پِيجيٽس ڊزيز (Paget’s disease) ٿين ٿيون. جسم جي ڪنھن حصي جي غلط استعمال سبب پيدا ٿيندڙ بي ڊولائپ سيٽجڻ ۽ اڻ استعمال ٿيندڙ مشڪن يا جوٽن جي سوس جي صورت ۾ پيدا ٿئي ٿي. ڪيترين بي ڊولائپن جي آرٿوپيڊڪ طريقن، پلاسٽڪ سرجريءَ (plastic surgery) يا ڪسرت رستي درستگي ڪري سگهجي ٿي.
Related words with: Deformity
لٺ ۾ هئڻ
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal