SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Decolonization

(click word to listen sound
  • 🔊
  • decolonization
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Decolonization

ڊي ڪالونائيزيشن

عدم بيٺڪيت-بيٺڪي راڄ جي دستبرداري

ڌارين سگهارين رياستن جي غلام قومن جي ڌرتيءَ مٿان ڪيل قبضي جي خاتمي وارو عمل، جنهن جي ابتدا آمريڪي انقلاب (1872ع ) کان شروع ٿي ۽ ويهين صدي عيسويءَ جي آخري اڌَ ۾ پُڄاڻيءَ تي پهتو. آجپي جي ان سلسلي ۾ لاطيني آمريڪا، ايشيا،آفريقا ۽ دنيا جي ٻين خطن ۾ زبردست عوامي تحريڪون هليون، پر مسئلي جي شدت کي پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ورسيليز جي ڪانفرنس (1919ع) ۾ محسوس ڪيو ويو. ان سان گڏ سڄي دنيا ۾ قوم –پرستيءَ جي لهر شروع ٿي ۽ محڪوم قومن جي باشعور اڳواڻن عالمي سطح تي بيٺڪيت خلاف هلچلون شروع ڪري ڏنيون. نتيجي ۾ هڪ طرف نوان بيٺڪي راڄ ڊهڻ لڳا ته ٻئي پاسي اهڙن پُراڻن راڄن جا بُنياد لُڏڻ لڳا. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ بيٺڪي اقتدار جي مڪمل تڏا ويڙهه ٿي ۽ دنيا جي نقشي تي درجنين آزاد ۽ خودمختيار قومون ظاهر ٿيون. گڏيل قومن جي اداري ان ڏس ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان جي پڌرنامي جي شق 73 ۾ بيٺڪيت جو شڪار ٿيل قومن جي حقن کي تمام گهڻو تحفظ مليو


Remember Me Also:

اوڪارو

ذ. [سن. اُدگري] اُٻڙڪو، قيء ، ڪَڍ ، اُلٽي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal