SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Declinism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • declinism
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Declinism

ڊڪلائنزم

زواليت

هيءُ اصطلاح، آمريڪا جي زوال بابت ٿيل بحث مباحثن جو ٻيو نالو آهي. هن بحث کي باقاعده طريقي سان شروع ڪرڻ وارو پاؤل ڪينيڊي هو. جنهن 1988ع ۾ ”ٿڌي ويڙهه“ واري صورتحال کي سامهون رکندي، آمريڪي آئيندي بابت ڪُجهه اڳڪٿيون ڪيون هيون. ڪينيڊي برطانيا جو مثال ڏيندي وضاحتون ڪيون ته جهڙي طرح برطانيه جو ڪنهن وقت سڄي دنيا تي زور هلندو هو ، پر پوءِ برطانيه طاقت جي توازن جون تقاضائون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ۽ هاڻي پنهنجي ئي ملڪ تائين محدود آهي، اهڙي طرح آمريڪا به دنيا جي سياست جون تقاضائون پوريون نه ڪري سگهيو آهي ۽ جلد ان جو زوال شروع ٿيندو. هي سڄي تحقيق Rise and Fall of Great Power جي موضوع / عنوان سان شايع پڻ ٿي. پائول ڪينيڊي کانپوءِ 2007ع ۾ چارلس ڪپشان (Charles Kupchan) ۽ 2008ع ۾ ييل فرگوسن (Yale Ferguson) عراق ۾ آمريڪا جي امڪاني يا ناڪامي ۽ چين، روس، برازيل ۽ انڊيا پاران عالمي منڊيءَ ۾ مضبوطيءَ سان پير ڄمائڻ وارين پهلوئن کي سامهون رکندي (آمريڪي) ”زواليت“ جي طرف اشارو ڪيو آهي. ڪينيڊي جي تحقيق مطابق آمريڪا هينئر تائين صرف فوجي قوت جي مدد سان ته دُنيا تي حاوي رهيو آهي. پر”عظيم ڪاروباري“ حيثيت وڃائي چڪو آهي. ان خيال جي ابتڙ 1999ع ۾ آمريڪا جي اڳوڻي بچاءَ واري نائب وزير جوزف ناءِ (Joseph Nye) جو چوڻ آهي ته ”آمريڪا جي زوال بابت ڳالهيون ڪرڻ جو اڃا وقت نه آيو آهي. دنيا اڃان تائين هڪ قطبي سرشتي تي هلي رهي آهي.“ پر پاؤل ڪينيڊي مطابق عالمي معيشيت ۾ بريٽن ووڊ سسٽم جي ناڪامي، ويٽنام جي جنگ هارائڻ ۽ ايشيا جو معاشي طرح اڀرڻ وارا نُقطا آخرڪار آمريڪا جو زوال آڻيندا. ان کان علاوه عراق ۾ جنگ هارائڻ ۽ 2008ع جي آمريڪي معاشي بحران کي پڻ Declinism جي اچڻ لاءِ ”سازگار حالتون“ قرار ڏنو ويو آهي


Remember Me Also:

هندستان

هِندُستان

اسم خاص. ايشيا کنڊ جو هڪ ملڪ، هندن جو ملڪ، هِندُ، ڀارت، (انگ). انڊيا.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal