SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


De`tente

(click word to listen sound
  • 🔊
  • de
  • tente
  • )

From the Dictionary of International Relations:

De`tente

ڊيتانت

ٺاپُر يا ڇڪتاڻ ۾ ٿڌاڻ

فرانسيسي ٻوليءَ جي هن لفظ جي معنيٰ”رياستن درميان هلندڙ ڇڪتاڻ جو ماٺو يا ٿڌو ٿيڻ“ آهي. 1945ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ آمريڪا ۽ سوويت يونين ۾ ٿڌي ويڙهه شروع ٿي، جنهن دنيا کي ٽين عالمي جنگ جي خطرن ۾ ڌڪي ڇڏيو. ان صورتحال کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻنهي سپر طاقتن اڳڀرائي ڪندي مُذاڪراتي عمل شروع ڪيو. خاص طور 20 صدي عيسويءَ جي ستر واري ڏهاڪي کي آمريڪا ۽ سوويت يونين درميان De`tente جو مُدو سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪيوبائي ميزائيلن واري گهوٽالي (1962ع) تان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تمام خراب ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي ڌرين هڪٻئي خلاف جنگ جي تياري شروع ڪئي هئي. ’ڊي ٽينٽ‘ جي عمل کان پوءِ ٻنهي سپر طاقتن هڪٻئي جي روين کي سمجهڻ ۽ دُنيا ۾ امن جي قيام لاءِ ماسڪو ۽ واشنگٽن ۾”هاٽ لائين معاهدي“ (1963ع) تحت تڪڙو رابطائي سرشتو قائم ڪرڻ، 1963ع ۾ ”محدود ائٽمي تجربن جي معاهدي “ (PTBT) ۽ 1979ع ۾ SALT-I تي صحيون ڪرڻ کانپوءِ سندن وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ آيل ٺاپر يا ٿڌاڻ کي De`tente جو عمل چيو وڃي ٿو


Remember Me Also:

آڳوتل

ذ. صفت. [سن. آگوتَلَ] ترائيءَ جا رهاڪُو ، مارُو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal