
Cradle cap
ڪري.ڊل ـ ڪيپ
ٻارڙن کي ٿيندڙ ھڪ عام تڪليف جنھن ۾ سندن کوپريءَ تي چتين جي صورت ۾ ٿلها، پيلا ڇلهر پيدا ٿي پونٿا. اھا سِيبورڪ ڊَرميٽائيٽِس (seborrhoeic dermatitis) جو ھڪ قسم ٿئي ٿي جيڪا منھن، ڳچيءَ، ڪنن جي پٺيان ۽ جسم جي نيپيءَ وارن حصن تي به پيدا ٿي سگهي ٿي. ڪريڊل ڪيپ تيستائين بي مضر سمجهي وڃي ٿي جيستائين چمڙيءَ جو ڪو روڳ پيدا نٿو ٿئي. ان جي اپاءَ طور زيتون (olive oil) جو گرم تيل (موسم آھر) يا آراڪس تيل (arachis oil) ٻارڙي جي کوپريءَ تي مالش ڪري ھڪ رات ڇڏي ڏجي ته جيئن ڇلهر نرم ٿي لهي پون جن کي ٻئي ڏينھن تي ڌوئي صاف ڪري ڇڏجي. چمڙيءَ جي سوزش ٿيڻ جي حالت ۾ ھڪ ھلڪي ملم جنھن ۾ اينٽيبياٽڪ (antibiotic) ۽ ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroid) دوا ٿئي ٿي چمڙيءَ تي ھڻي سگهجي ٿي.
الله ڄاڻي
محاورو. خبر نه هجڻ جي حالت ۾ استعمال ٿيندڙ محاورو. خدا کي خَبر! يعني مونکي خبر ناهي، ڌڻيءَ کي سُڌِ!
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal