SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Corticosteroid drugs

(click word to listen sound
  • 🔊
  • corticosteroid
  • drʌgstɔːr
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Corticosteroid drugs

ڪور.ٽي.ڪو.سٽِي.روائڊ ـ ڊرگس

دوائن جو ھڪ اھڙو گروپ جيڪو ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroid) ھارمونن جھڙو ٿئي ٿو جيڪي اَڊرينل (adrenal) غدود پيدا ڪن ٿا. ڪورٽيڪوسٽيروائڊ، ايڊيسن بيماريءَ (Addisons’ disease) ۾ ۽ جڏھن اَڊرينل (adrenal) غدود يا پٽيوئيٽري (pituitary) غدود تباه ٿي يا خارج ڪري ڇڏجن ٿا تڏھن ھارمون ريپليسمينٽ ٿراپيءَ طور استعمال ڪجن ٿا. ان کانسواءِ آنڊن جي سوزشي تڪليفن جھڙوڪ: السريٽو ڪولائيٽس (ulcerative colitis) ۽ ڪروھنس (Crohn’s disease) بيماريءَ جي علاج طور ته ٽيمپورل آرٽيرائيٽس (remporal arteritis) جي حالت ۾ تنتي پردي (retina) کي رت مھيا ڪندڙ شريان جي سوزش جي ھنگامي علاج لاءِ به استعمال ڪجن ٿا. علاج طور انھن جا ٻيا استعمال آٽواِميون (autoimmune) بيمارين ۾ جھڙوڪ: سِسٽيمِڪ لُوپس اَريٿيميٽوسس (lupus erythematosus)، ريُوميٽوائڊ آرٿرائيٽس (rheumatoid arhritis)، دم، (asthma)، مَلي (eczema) ۽ ايلرجڪ رانائيٽس (allergic rhinitis) جي علاج لاءِ ڏجن ٿا. ڪورٽيڪوسٽيروائڊ دوائون، ٽرانسپلانٽ سرجريءَ (transplant surgery) کانپوءِ عضوي جي رد ٿيڻ کان بچڻ ۽ ڪن قسمن جي ڪينسر جي علاج جھڙوڪ: لِمفوما (lymphoma) يا ليڪِوميا (leukaemia) لاءِ ڏجن ٿيون. ڪورٽيڪوسٽيروائڊ انجيڪشنون ڪن قسمن جي سورن جھڙوڪ: ٽينس اَيلبو (tennis elbow) ۽ آرٿرائيٽس (arthritis) ختم ڪرڻ لاءِ ڏجن ٿيون.


Remember Me Also:

هلاک ڪرڻ

هلاکُ ڪَرڻُ

ڪڪ ڪرڻ، بيزار ڪرڻ، آزارڻ، دِق ڪرڻ، خفي ڪرڻ، تڪليف ڏيڻ، هلاڪ ڪَرڻ . ٿڪائڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal