ڪنٽرابئنڊس
بندش پيل جنگي وٿون- سامان
جنگي مواد جا اُهي وکر، جن کي بين الاقوامي قانون موجب وڙهندڙ ٻن ڌُرين مان ڪا به هڪ ڌُر اُن وقت ضبط ڪري سگهي ٿي، جڏهن اهڙا وکر ڪنهن اڻ ڌُريي مُلڪ طرفان مُخالف ڌُر کي فراهم ڪيا ويندا هُجن. ”جنگي مواد“ جي وکرن بابت ڌار ڌار وصفون بيان ڪيون وڃن ٿيون، پر عام طور تي اهو اهڙي مواد تي مشتمل هوندوآهي، جنهن جي فراهميءَ جو مُعاهدو امن وارن ڏهاڙن ۾ غير فوجي استعمال لاءِ ٿيل هُجي، پر جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ ان کي فوجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي. ان هوندي به ”مڪمل جنگ“ جي صورت ۾ ته ”جنگي مواد“ بابت وضاحت وڌيڪ پيچيده ٿي ويندي آهي. ان سلسلي ۾ ٻي عالمي جنگ جو مثال ڏئي سگهجي ٿو. جڏهن وڙهندڙ ڌُرين هڪٻئي کي نابود ڪرڻ لاءِ اهڙي ڪنهن فرق کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
پڪوان
ذ. [سن. پَڪَوان] گيهه يا تيل ۾ تريل ميدي جي تمام سنهي ماني. تريل شيءِ. پُورِي. ڪچوري. مٺائي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal