قدامت پسندي
ڪنزرويٽزم
قدامت پسندي يا پُراڻ پسندي
سياسي خيالن ۽ اعتقادن تي ٻڌل اهڙو سياسي ۽ سماجي نظريو، جيڪو شين ۽ حالتن کي تجرباتي يا معروضي طور پرکڻ بجاءِ انهن کي خيالي. سياسي ۽ معاشي پهلوئن مطابق تسليم ڪرڻ تي زور ڏيندو هجي. هي نظريو سماج ۾ تڪڙي ۽ اوچتي تبديليءَ بجاءِ سست رفتار ۽ مرحليوار تبديليءَ جي وڪالت ڪري ٿو. ساڄي پاسي وارين سياسي ڌرين ۾ هيءُ نظريو مقبول هوندو آهي. جيئن ته هن نظريي جي مڃيندڙن مطابق انسان ذات ۾ فطري طور وحشي پڻو موجود آهي، ان ڪري اهي منجهس سڌاري آڻڻ لاءِ سخت قانون جوڙڻ تي زور ڏيندا آهن. هيءُ نظريو ان ڳالهه جي حمايت ڪري ٿو. ته طبقاتي اڻ برابري فطري آهي ۽ ان سان گڏ سماج جي ڪجهه طبقن جي خانگي زندگين ۾ رياست پاران زوريءَ مداخلت جي پڻ هيءُ نظريو حمايت ڪري ٿو. ’ڪنزرويٽو ازم‘ يورپ ۾ سجاڳيءَ واري دؤر (Age of Enlightenment) جي ردعمل ۾ اڀريو. قدامت پسنديءَ جا وصف برطانيائي ڏاهي ايڊمنڊ برڪ (1729-97ع ) پنهنجي ڪتاب Reflections of Revolution in France (1790ع) ۾ پيش ڪيا. اِن ڪتاب ۾ ايڊمنڊ برڪ فرانسيسي انقلاب کي رد ڪندي ان کان اڳ جي چالو سياسي ۽ سماجي سرشتي جي بحاليءَ تي زور ڏنو. بعد ۾ فرانسيسي مُفڪر Francois Rene-de Chateaubriand (1848-1768ع )هن لفظ کي 1819ع ۾ هڪ سياسي اصطلاح طور ڪم آندو. هن نظريي جي سياسي اظهار جي حوالي سان اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ آسٽريا جو چانسلر ميٽرنخ وڏي اهميت رکي ٿو. هن حاڪم اٽڪل اڌ صديءَ تائين يورپ کي پُراڻ پسنديءَ جي نظريي مطابق هلايو. فرانس جي مفڪر Josep Marie de Maistre (1821-1753ع ) پڻ هن نظريي جي فائدي ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي. انهيءَ فڪري رويي هيٺ اڄڪلهه دُنيا جي ڪيترن مُلڪن ۾ سياسي پارٽيون ڪم ڪري رهيون آهن.
Related words with: Conservatism
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal