SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Congress of Aix la Chappell

(click word to listen sound
  • 🔊
  • kɔŋgres
  • ɔf
  • aix
  • la
  • chappell
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Congress of Aix la Chappell

ڪانگريس آف ايڪس لاشايپل

ايڪس لاشاپيل ڪانگريس

هيءَ ڪانگريس 1818ع جي سرءُ ۾ منعقد ڪئي ويئي. اِن ۾ يورپ جي چئن وڏين طاقتن، روس، برطانيا، پروشيا ۽ آسٽريا پاران سڄي يورپي کنڊ تي گڏيل حڪومتي سرشتو قائم ڪرڻ لاءِ ڪجهه فيصلا ڪيا ويا. ان ڪانگريس ۾ نئپوليئن جي شڪست کان پوءِ فرانس ۾ موجود اتحادي فوجن کي فرانس مان نڪرڻ لاءِ چيو ويو ۽ ساڳئي وقت فرانس کي ٻيهر يورپي معاملن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو ويو. ان کانسواءِ نئپوليئن کي قيد رکڻ، يهودين جي حقن بابت جرمنيءَ کان خاطري وٺڻ، يورپ جي انقلابي تحريڪن کي چٿڻ ۽ لاطيني ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ موجود اسپيني بيٺڪن ۾ روسي مداخلت جي امڪانن کي مُنهن ڏيڻ وارن معاملن تي سهڪار بابت سهمتي ظاهر ڪئي ويئي. اِنهيءَ نالي سان هيءَ ٽين ڪانفرنس هُئي. ان کان اڳ ٻه ڪانفرنسون ترتيب وار 1668ع ۽ 1748ع ۾ ساڳي جاءِ تي ٿي چُڪيون هيون. ان ڪانفرنس ۾ آسٽريا جي چانسيلر ميٽرنخ، جرمن مارشل هنڊن برگ، برطانيا جي ڊيوڪ آف ويلنگٽن، روس جي زار اليگزينڊر ۽ ٻين معتبر هستين پنهنجن پنهنجن مُلڪن جي نمائندگي ڪئي.


Remember Me Also:

ڪني

ث. سن. ڪُنڍي = ڪُنو رڌڻ لاءِ ٺڪر جو ديڳڙو يا ڪُنو ، چاڏِي. باسَ باسيل کاڌو ، خيرات ، يارهين ، نذر نياز لاءِ رڌل کاڌو. ”پِيرَ جي ڪُنِي“. اسم خاص. هڪ جبل جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal