SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Congress

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • kɔŋgres

From the English to Sindhi Dictionary:

Congress

جماعت، انجمن


From the Dictionary of Official Terms:

Congress

ڪانگريس- ميڙاڪو


From the Dictionary of International Relations:

Congress

ڪانگريس

مهاسڀا- ڪَٺُ

بين الاقوامي سطح تي رياستي نمائندن جو ٿيندڙ وڏو ڪٺ يا اجتماع، جنهن ۾ دنيا کي درپيش اهم مسئلن بابت تفصيلي بحث ڪيو وڃي ۽ انهن مسئلن جي ننڍن وڏن پهلوئن کي نظر ۾ رکندي ڪو مناسب حل تجويز ڪيو وڃي. ”ڪانگريس“ عام طور تي وڏن بحرانن ۽ مونجهارن کي منهن ڏيڻ لاءِ بين الاقوامي سطح تي سڏرائي وڃي ٿي. ان موقعي تي مختلف قومن جا مُدبر، سفارتڪار، قانوني ۽ جنگي ماهر پنهنجيون تجويزون ڏيندي عالمي برادري لاءِ مناسب قدم تجويز ڪندا آهن. ان سلسلي ۾ يورپ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سڏايل ”ڪانگريس آف ويانا“ (1815ع) مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿي، جنهن ۾ يورپي ملڪن کي فرانس جي قبضي کان آزادي ملڻ سبب يورپ جي نئين سر سياسي ۽ جاگرافيائي جوڙ جڪ عمل ۾ آئي. ان کان علاوه سياسي پارٽيون ۽ بين الاقوامي سطح جا نظرياتي گروهه پنهنجي گڏجاڻين کي پڻ ”ڪانگريس“ جو درجو ڏيندا آهن، ٻئي طرف دنيا جي وڏن قانون ساز ادارن کي پڻ هن نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جنهن ۾ آمريڪي ۽ ڀارتي ڪانگريس جا ادارا خاص طور ذڪر لائق آهن


From Dictionary of Political Terms


Congress

سڀا

نمائندن يا اهلڪارن جي گڏجاڻي، جنهن ۾ ڪنهن نقطي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي، اهو انگريزي لفظ خاص طور آمريڪا جي قانون ٺاهيندڙ اداري لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جنهن جا ٻه ايوان آهن. مٿين ايوان کي سينيٽ ۽ هيٺين ايوان کي ”هائوس آف ريپريزنٽيٽو“ سڏجي ٿو.


Related words with: Congress


.


Other Phrases of Congress used in Daily life:

.


Congress is also used in:

Remember Me Also:

ڏوء لڳڻ

باهه لڳڻ. حَسَدُ ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal