SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Colour vision deficiency

(click word to listen sound
  • 🔊
  • Brit
  • viʒn
  • difiʃənsiː
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Colour vision deficiency

ڪ.لرـ وي.زن ـ ڊ.في.شن. سي

ديد جي نقص سبب ڪن رنگن ۾ فرق محسوس ڪري نه سگهڻ. ايئن ڪو ورلي ٿئي ٿو ته ڪو به رنگ پسي نه سگهجي (monochromatism). جڏھن ته عام طور تي جن قسمن جي رنگن جي شناخت ڪري نٿي سگهجي اھو ڳاڙھو ۽ سائو ٿئي ٿو جنھن جو گهڻين حالتن ۾ سبب تنتي پردي (retina) جي روشنيءَ لاءِ حساس سيلن جا نقص ٿين ٿا جيڪي عام طور تي پيدائشي ٿين ٿا جڏھن ته ورلي ڏِسڻي تنت (optic nerve) جي بيمارين يا ڇيھي سبب به پيدا ٿي سگهن ٿا. پيدائشي نقص جينياتي ٿين ٿا (ڏسو، genetic disorders) يعني متاثر فردن جي گهڻائي مردن جي ٿئي ٿي. ڪو به فرد جنھن ۾ سائي رنگ لاءِ شديد اوڻائي ھجي ٿي تنھنکي نارنگي، سائي، ناسي ۽ ھلڪن ڳاڙھن رنگن ۾ شناخت ڪرڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. ڳاڙھي رنگ لاءِ شديد اوڻائيءَ سبب سڀ ڳاڙھا رنگ گڊا نظر اچن ٿا. انھن ۾ ھڪ گهڻي ورلي ٿيندڙ اوڻائي جنھن سبب نيري جي سڃاڻپ ڪري نٿي سگهجي ممڪن ٿئي ٿو ته موروثي ھجي يا ڏسڻيءَ تنت جي نقص سبب.


Remember Me Also:

ماهه ڪنعان

ماهِه ڪَنعان

ذ . ڪنعان جو چنڊ، حضرت يوسف عليه السلام جو لقب.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal