ڪولمبو پلئن
ڪولمبو رٿا
هڪ رٿا، جنهن جو مقصد ڏکڻ ۽ اُوڀر ايشيا، ڪئناڊا، برطانيا ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سهڪار جي بنياد تي مالي ۽ فني امداد جي فراهمي آهي. جيئن ته اِن رٿا جو مقصد اهڙي تعاون جي سلسلي ۾ فقط هڪ ذريعو بڻجڻ آهي، تنهن ڪري ان جو ڪو مستقل هيڊ ڪوارٽر ڪونهي، پر لک پڙهه جو رڪارڊ رکڻ ۽ اطلاع ڏيڻ لاءِ ڪولمبو ۾ بيورو آفيس قائم ٿيل اٿس. هيءَ رٿا ميمبر مُلڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ڪولمبو ۾ ٿيل ڪانفرنس جي نتيجي ۾ جنوري 1950ع ۾ قائم ٿي. ان جو رسمي افتتاح 1جولاءِ 1951ع تي ڪولمبو ۾ ٿيو. 1980ع کان اها رٿا غير موثر آهي. مُنڍ ۾ هندستان، پاڪستان، سريلنڪا، نيوزيلينڊ، ڪئناڊا، آسٽريليا ۽ برطانيا اُن جا ميمبر هئا. پر بعد ۾ آمريڪا ۽ جاپان سميت ٻيا ملڪ به ميمبر بڻيا ۽ ميمبرن جو تعداد 27 کي پهتو. رٿا جي ڪم جو دائرو هر سال ٿيندڙ مک گڏجاڻيءَ ۾ مقرر ٿيندو هو.
From Dictionary of Political Terms
ڪولمبو منصوبو
ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن وچ ۾ سهڪار لاءِ برطانوي گڏيل دولت (British Common Wealth) جي پرڏيهي وزيرن هي منصوبو سريلنڪا جي راڄڌاني ڪولمبو ۾ جنوري 1950ع ۾ جوڙيو. برطانيا، آمريڪا، ڀوٽان، سريلنڪا، نيپال، ايران، ٿائيلينڊ، ويٽنام، ڏکڻ ڪوريا، جپان، لائوس، ڪمبوڊيا، نيوزيلينڊ، ڪئناڊا، فلپائن، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ان منصوبي جا ڪارڻ هئا.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal