
Colitis
ڪو.لاءِ.ٽس
وڏي آنڊي (colon) جي سوزش سبب دست ٿي پوڻ جن سان عام طور تي رت ۽ لعاب (mucus) به خارج ٿئي ٿو. ان جي ٻين نشانين ۾ پيٽ جو سور ۽ بخار ٿي سگهن ٿا. ڪولائيٽس جي روڳ ٿيڻ جو ڪارڻ مختلف قسمن جا روڳي جيوڙا جھڙوڪ: ڪئمپائيلوبيڪٽر (campylobacter) ۽ شِگيلا (Shigella) بئڪٽيريا، وائرس يا اميبي (amoebae) ٿين ٿا. ھڪ قسم جو ڪولائيٽس انھن اينٽيبياٽڪ دوائن سبب ٿي سگهي ٿو جيڪي عام رواجي طور تي آنڊي ۾ رھندڙ بئڪٽيريا کي تباه ڪري ۽ ڪلوسٽريڊيم ڊفيسلي (Clostridium difficile) جھڙيءَ بئڪٽيريا کي واڌ ويجهه ڪرڻ ڏين ٿيون جيڪي اريٽيشن پيدا ڪن ٿيون. ڪولائيٽس، السريٽِو ڪولائيٽس (ulcerative colitis) ۽ ڪرانس (Crohn’s) ڊزيز جو ھڪ نشاني ٿئي ٿي. ڪولائِيٽس جي تشخيص لاءِ ڪرفتيءَ جو نمونو چڪاسجي ٿو، سگموئاڊواسڪوپي (sigmoidoscopy) يا ڪولونواِسڪوپي (colonoscopy)، سوزشي حصن يا السر جي بايوپسي (biopsy) ۽ بيريم اَنيمِيا (ڏسو، barium x-ray examination) ڪجي ٿي. ڪنھن روڳ ھجڻ جي ڪارڻ جي حالت ۾ اينٽيبياٽڪ ڏئي سگهجن ٿيون. ڪرانس ڊزيز ۽ اَلسريٽو ڪولائيٽِس جو ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroid) ۽ اِميونوسَپريسنٽ (immunosuppressant) دوائن ۽ مخصوص غذا رستي علاج ڪري سگهجي ٿو.
ويانهن
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal