
ڪوڪين- هڪ قسم جي نشيدار دوا
Cocaine
ڪو.ڪين
ڪوڪا ٻوٽي (coca plant/Erythroxylon coca) جي پنن مان حاصل ٿيندڙ ھڪ دوا، ڪنھن زماني ۾ مقامي بيھوشيءَ جي دوا طور استعمال ٿيندڙ (ڏسو، anaesthesia, local). ڪوڪين دماغ کي متاثر ڪري ٿي، خوشفھمي ۾ مبتلا ڪري ٿي ۽ توانائيءَ ۾ واڌارو ڪري ٿي. منجهس اھڙيون خاصيتون ھجڻ سبب ان جو نشيدار دوا طور ناجائز استعمال ٿئي ٿو. لاڳيتي استعمال سان نفسياتي عادي (ڏسو، drug dependence) ۽ گهڻي وزن ۾ واپرائڻ سبب سائيڪوسس (psychosis) ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿي. متواتر استعمال ڪندي رھڻ سان نڪ جو استر تباه ڪري سگهي ٿي. حد کان وڌيڪ وزن ۾ واپرائڻ سان جهٽڪا پيدا ڪري ۽ دل بيھاري (cardiac arrest) سگهي ٿي. ڪوڪين جي ھڪ نج قسم ”ڪريڪ“ (Crack) جو وڌيڪ شديد ردعمل پيدا ٿئي ٿو، دل تي خراب اثر وجهڻ سبب موت جو ڪارڻ بڻبي رھي ٿي.
Related words with: Cocaine
ٺاٺارا
اسم خاص. هڪ ذات جو نالو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal