
Cholesterol
ڪو.لِس.ٽِي.رول
سڻڀ جھڙو، جسماني سيلن جي جوڙجڪ جو ھڪ اھم مادو جيڪو ھارمونن ۽ پت جي لوڻن جي پيداوار لاءِ گهربل ٿئي ٿو. رت ۾ موجود ڪولِسٽيرول کاڌن مان جيرو پيدا ڪري ٿو خاص طور تي سيچوريٽيڊ سڻڀن (سڻڀن تيزابن) مان، جيتوڻيڪ ان جو ننڍڙو مقدار سڌو سنئون ڪولسٽيرول ڀريل کاڌن جھڙوڪ: آنن مان به جذب ٿي وڃي ٿو. رت ۾ موجود ڪولسٽيرول جو گهڻو مقدار اَٿِيرواِسڪليروسِس (atherosclerosis) جو خطرو وڌائي ڇڏي ٿو ته ان سان گڏ ڪورونري آرٽري ڊزيز (coronary artery disease) يا اسٽروڪ (stroke) جو خطرو به وڌي وڃي ٿو. ٿلهي ليکي، ڪولسٽيرول جو، لو ڊينسٽي لپوپروٽينن (low-density lipoproteins (VLDLs) يا تمام گهٽ گهاٽائپ ۾ لِپوپروٽينن جي صورت ۾ پھچڻ انھن حالتن ۾ ھڪ خطرو ٿي سگهي ٿو، جڏھن ته ڪولسٽيرول جو ھاءِ ڊينسٽي لپوپروٽينن (high-density lipoproteins (HDLs) جي صورت ۾ ھجڻ لڳي ٿو ته اِيٽِريئل بيماريءَ کان بچائي ٿو. رت ۾ موجود ڪولِسٽيرول جي سطحن تي کاڌي، وزن، ورثي ۽ ميٽابولي بيمارين جھڙوڪ: ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus) جو اثر پوي ٿو جنھن جي رت جي تپاسن رستي ماپ ڪري سگهجي ٿي. 5.0 mmol/L کان گهٽ تسليم ڪجي ٿي ته مٿاھين سطحن جي حالت ۾ وڌيڪ تپاسن ڪرائڻ جي گهرج پوي ٿي. غذائي تبديلن (سيچوريٽيڊ سڻڀ گهٽائڻ ۽ چرٻي واري مڇي کائڻ) ۽ ڪسرت ڪرڻ سان ڪولسٽيرول گهٽائي سگهجي ٿو، دوائون جھڙوڪ: سمواسٽيٽن (simvastatin) سان گهڻي گهٽتائي اچي ٿي.
مانهند
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal