SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Cholecystitis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • cholecystitis
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Cholecystitis

ڪو. لي. سس. ٽائي. ٽس

پتي (gallbladder) جي پراڻي يا شديد سوزش سبب پيدا ٿيندڙ پيٽ جو شديد سور. عام طور تي پتي جي پٿريءَ (gallstone) سبب شديد ڪولِيسِسٽائيٽِس جو ڪارڻ پتي جي منھن جو بند ٿي وڃڻ ٿئي ٿو. جنھن سبب ڦاسي پيل پت، پتي جي ڀتين جي اريٽيشن پيدا ڪري بئڪٽيريا سبب روڳجي سگهي ٿي. جنھن جي مکيو نشاني پيٽ جي ساڄي پاسي، پاسرين ھيٺان مسلسل رھندڙ شديد سور سان گڏ بخار ۽ ورلي يرقان (jaundice) به ٿي سگهي ٿو. علاج لاءِ عام طور تي اينلجيسِڪ (analgesic)، اينٽيبياٽڪ (antibiotics) دوائون ۽ نس رستي غذائن جو ڳار ۽ پاڻيٺون ھڻي پوءِ ڪولِيسِسٽيڪٽومي (cholecystectomy) ڪجي ٿي. ڪن حالتن ۾ پيچيدگيون پيدا ٿي سگهن ٿيون جن ۾ پيٽانگي جي سوزش (peritonitis) به ٿي سگهي ٿي، جيڪڏھن پتو ڦسي پوي ۽ اِيمپيئيمَا (empyema، پيٽ جي ڀانڊي ۾ پونءِ ۽ پاڻيٺ وھي وڃي) ٿي پوي ٿي ته ٻنھي حالتن ۾ ترت آپريشن رستي علاج ڪرڻو پوي ٿو.


Remember Me Also:

ٻهه ٻهه ٿيڻ

ٻهڪون پوڻ. واهه واهه ٿيڻ. هوڪو اچڻ ، خبر پکڙجڻ ”ٻَهه ٻَهه ٿي ڀنڀور ۾، ته ڪي آيا جُنگ جواڻ“ ڪبير شاهه.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal