SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Chickenpox

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • tʃikinpɔks

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Chickenpox

چڪن.پاڪس

لاکڙو. ھڪ عام ھلڪي روڳي بيماري (ويريسيلا varicellaبه سڏجي) ٻالڪپڻي ۾ ٿي پوي ٿي، جسم تي ڳاڙھا نشان ۽ ھلوڪو بخار ٿي پوي ٿو. بالغن ۾ ورلي پر عام طور تي شديد ٿئي ٿي. لاکڙي ٿيڻ کانپوءِ سڄي عمر لاءِ ان خلاف مدافعت پيدا ٿئي ٿي پر وائرس اعصابن ۾ بي ستو (dormant) رھي ٿو ۽ زندگيءَ ۾ اڳتي ھلي ھرپيز زوسٽر/ شنگلس (herpes zoster/shingles) پيدا ڪري سگهي ٿو. لاکڙي ٿيڻ جو ڪارڻ ويريسيلا زوسٽر وائرس ٿئي ٿو جيڪو ھوائي آبي ڦڙين رستي روڳ لڳڻ جي 2 ـ 3 ھفتن کانپوءِ سڄي جسم ۾ پکڙجي وڃي ٿو، جنھن ۾ ننڍڙا، ڳاڙھا، خارسي نشان ڪجهه ڪلاڪن اندر ڦلوڪڻن سان پيدا ٿي پاڻيٺ سان ڀرجي وڃن ٿا. ڪجهه ڏينھن کانپوءِ ڦلوڪڻا خشڪ ٿي ڪڙي ٻڌي وڃن ٿا. ڦلوڪڻن کي کنھڻ سان ثانوي انفيڪشن (secondary infection، جسم جي ڪنھن اھڙي حصي ۾ ٿي پوندڙ انفيڪشن جتي اڳم يا تازو انفيڪشن ٿي پيو ھجي) ۽ اسڪيئرنگ ٿي سگهي ٿي. پيراسيٽامول (Paracetamol) استعمال ڪرڻ سان بخار گهٽجڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. شديد حالتن ۾ ايسيڪلووير (aciclovir، اينٽيوائرل دوا) واپرائڻ جي سفارش ڪري سگهجي ٿي.


Remember Me Also:

نيڀائڻ

نيڀائِڻُ

مصدر. پُرائيءَ سان هلڻ. پورو ڪرڻ. نِڀائڻ، پار ڪرڻ، توڙ نِڀائڻ، پڇاڙي ڪرڻ. پار پهچائڻ. (نيڀائيو، نيڀائيندو، نيڀائيل).

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal