
دماغ جو اڳيون حصو- وڏو دماغ
Cerebrum
سي.ري.برم
وڏو مغز، دماغ (brain) جو وڏي ۾ وڏو، گهڻو اسريل، گهڻيءَ شعور ۽ ذھني سرگرمين جو ماڳ. ان جا مکيا حصا ٻه وڏا سيريبرل ھيمسفيير (cerebral hemispheres) ٿين ٿا جيڪي بِرين اسٽيم (brainstem) جي مٿاھين حصي مان واڌ ڪن ٿا. انھن جو مٿاڇرو ھڪ سلسليوار تھن جو جڙيل ٿئي ٿو جن کي گيري (gyri) سڏجي ڦاٽن رستي جن کي سلسي (sulci) چئجي الڳ الڳ ٿيل ٿين ٿا ۽ ھڪ ڊگهو ڦاٽ ٻن اڌگولن کي ڌار ڌار ڪري ٿو. ھر ھڪ اڌگول جا مٿاڇري وارا چار مکيا حصا؛ فرنٽل (frontal، نراڙيئي)، پيرييٽل (parietal، پاسڙيئي)، ٽيمپورل (temporal، لوندڙيئي) ۽ آسيپيٽل (occipital، ڪياڙئي) جن ھڏن مٿان ٿين ٿا انھن جي نالن پٺيان سڏجن ٿا. ھر اڌگول ۾ ھڪ وچون خال ٿئي ٿو جنھن کي وينٽريڪل (ventricle) سڏجي سيريبرواسپائينل فلوئڊ (cerebrospinal fluid) سان ڀريل ٿئي ٿو. اھو ھڪ اندرين تھه سان گهيريل ھجي ٿو جيڪو تنتي سيلن جي جهڳٽي بئسل گينگليان (basal ganglia) جو جڙيل ٿئي ٿو. سفيد تنتي مادو (white matter) جو وچون تھه مکيو طور تي تنتي تاندورن جو ٺھيل ٿئي ٿو جيڪو ڪورٽيڪس (cortex) جي مخصوص ماڳن، ان جي وچين ايراضين، وچين مغز ۽ بِرين اسٽيم کي معلومات پھچائي ٿو. تاندورن جو ھڪ ٿلهو پٽو، ڪارپس ڪولوسم (corpus callosum) ٻن اڌ گولن جي وچ ۾ تنتي پيغام پھچائي ٿو.
ڏسائڻ
مصدر. [سن. دَشِ = ڏَسڻُ] ٻُڌائڻ ، پار پتا ڏيڻ ، سڌ سماءُ ڏيڻ ، ڏسُ پڇڻ ، ٻڌائڻ. ”اڱڻ اسان جي سيئي آيا، جن ٿي ڏور ڏسائيو“ سچل. [سن. دَنشَ = ڏَنگِڻ] ڏنگڻ ، ڏنگ هڻڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal