
Cats, diseases from
ڪيٽ ـ ڊزيزز ـ فرام
ڪيترن مختلف قسمن جا پئراسائيٽ ۽ روڳ ٻلين مان انسانن ۾ وچڙي سگهن ٿا. جن ۾ ھڙڪ (rabies) سنگين بيماري ٿئي ٿي. ڪيٽ ـ اسڪريچ ـ فِيور (cat-scratch fever) ورلي ٿيندڙ بيماري، ٻليءَ جي رھڙڻ يا چڪ پائڻ جي ڪري بارٽونيلا ھينسلي (Bartonella henselae) بئڪٽيريا سبب ٿي پوي ٿي. عام طور تي ٻلين ۾ ھڪ پروٽوزوني (protozoan) پئراسائيٽ ٽوڪسوپلازما گونڊي (Toxoplasma gondii) ٿئي ٿو جيڪو ٽوڪسوپلازموسس (toxoplasmosis) جي بيماري پيدا ڪري ٿو. عام طور تي ٻلين جي ڪرفتيءَ سان لاڳاپي ۾ اچڻ سان سنگين بيماري پيدا نٿي ٿئي پر جڏھن ڪا عورت حمل سان ھوندي ان سان لاڳاپي ۾ اچي ته سنگين ثابت ٿي سگهي ٿي جو ممڪن ٿئي ٿو ته ٻليءَ جي ڪرفتيءَ ۾ ڪينئن (roundworm) جا آنا ھجن ۽ اھي ٽوڪسوڪيرياسس (toxocariasis) جي بيماري پيدا ڪري وجهن. ورلي، پيٽ ۾ داخل ٿيل ڪينئين جو آنو اک تائين رسي وڃي ته نه رڳو ديد متاثر ڪري وجهي ٿو ته نابينائپ به پيدا ڪري سگهي ٿو. جيڪي ٻار ٻاھر، ٻليءَ جي ڪرفتيءَ سبب غليظ ٿيل مٽيءَ ۾ رانديون ڪن ٿا اھي عام طور تي متاثر ٿي پون ٿا. ٻلين سبب انسانن ۾ ٻيون تڪليفون ڏڍ (tinea)، چمڙيءَ جا ڦنگي روڳ، ٻلين جي ڪارڙن (fleas) جي چڪڻ سبب الرجيءَ جي ردعمل سميت ٻڦو يا ڏَڏر (urticaria) پيدا ٿي سگهن ٿا. صحت صفائي رکڻ، بيمار جانورن جي صحت ڏانھن ڌيان ڏيڻ انھن جي ڪينئن ۽ ڪارڙن جي سدائين علاج ڪرائڻ سان ٻلين جي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو.
قربان وڃڻ
ڪنهن جي لاءِ پنهنجي حياتي ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ ، صدقو ٿيڻ. فدا ٿيڻ ، جان نثار ڪرڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal