
آبشار، ڌنڌ، اک ۾ موتيو، ڦلو
تمام وڏو آبشار
موتيو- ڦلو اک ۾
موتيو اڇو
موتيو اڇو
Cataract
ڪي.ٽَ.رَيڪٽ
موتيو پاڻي، اک جي بلور (lens) جي شفافيت ختم ٿي وڃڻ، جنھن جو ڪارڻ ان جي حساس پروٽيني تاندورن ۾ تبديلي پيدا ٿيڻ ٿئي ٿي. ان جي گنڀير حالت ۾ بلور جو اڳيون حصو گهڻو ڌنڌلو ٿي وڃي ٿو پر موتيي سبب بلڪل نابينائپ پيدا نٿي ٿئي. ٿلهي ليکي، 65 سالن کان وڏيءَ عمر جي ھر فرد کي ڪنھن حد تائين موتيو ٿي پوي ٿو. الٽراوايوليٽ روشنيءَ ۾ لاڳيتو وائکي ٿيڻ سان موتيي ٿيڻ جا خطرا وڌي وڃن ٿا. موتيي ٿيڻ جا ٻيا ڪارڻ اک کي ڌڪ لڳڻ خاص طور تي ڪنھن ڌارئي جسم جو بلور ۾ پئجي وڃڻ ٿئي ٿو. ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus) جي تڪليف ۾ مبتلا فردن ۾ موتيو عام ٿي پوي ٿو. ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroid) دوائن جي ڊگهي استعمال سان موتيو ٿي سگهي ٿو. ڄائي ڄم کان موتيي ھجڻ جو ڪارڻ ماءُ کي حمل جي شروعاتي ڏينھن ۾ ڪنھن روڳ، خاص طور تي خسرو (rubella) يا ڪن دوائن جي زھريلن اثرن سبب پيدا ٿي سگهي ٿو. ڊائونس سنڊروم (Down’s syndrome) يا گيليڪٽوسيميا (galactosaemia) سان به لاڳاپيل ٿي سگهي ٿو.
Related words with: Cataract
آٿ
ذ. [سن. ١. آسَٿُتَوَيَه = گهر جاڀاتي، ٽِڪيل يا تعلق رکندڙ؛ مِٽ مائٽ، قريبي ڪٽنب وارو] مائٽاڻي لڳ لاڳاپي، کائڻ پئڻ ۽ ڏيتي ليتيءَ وارا ، تعلقدار قبيلي وارا ماڻهو. قبيلو ، ڪُٽنب. [سن. آتِ = اوڪاريل وٿ] اُٻڙڪو ، اوڪارو. ڪاوڙ جو بحران ، اُڌمو. لهر جو لاهو چاڙه
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal