SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Cat diseases from

(click word to listen sound
  • 🔊
  • kæt
  • diziːziz
  • frɔm
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Cat diseases from

ڪيٽ ـ ڊزيز ـ فرام

ڪيترن قسمن جا پئراسائيٽ ۽ روڳي جيوڙا ٻلين مان انسانن ۾ وچڙي سگهن ٿا. انھن ۾ ھڪ گهڻي سنگين بيماري ھڙڪ (rabies) جي ٿئي ٿي. ڪيٽ ـ اسڪريچ فيور (cat scratch fever) ھڪ ورلي ٿيندڙ بيماري ٿئي ٿي جيڪا ھڪ بيڪٽيريم بارٽونيلا ھينسيليءَ (Bartonella henselae) سبب ٻليءَ جي رھنڊن يا چڪ پائڻ کانپوءِ ٿي پوي ٿو. عام طور تي ٻلين ۾ ھڪ پروٽوزوئن ٽوڪسوپلازما (Toxoplasma gondii) ٿئي ٿو جيڪو ٽوڪسوپلاسموسز (toxoplasmosis) جي بيماري پيدا ڪري ٿو. عام طور تي ٻِلين جي ڪرفتيءَ سان لاڳاپي ۾ اچڻ سبب پيدا ٿيندڙ روڳ سنگين نٿو ٿئي پر ان جا تڏھن سنگين نتيجا ٿي سگهن ٿا جڏھن ڪا عورت حمل دوران متاثر ٿي پوي ٿي. اھو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته ٻليءَ جي ڪرفتيءَ ۾، گول ڪينئن جا آنا موجود ھجن جيڪي ٽوڪسوڪيرياسس (toxocariasis) پيدا ڪري سگهن ٿا. ورلي، ڪنھن پيٽ ۾ ويل گول ڪينئين جي آني مان پيدا ٿيندڙ ٻچٽ (larva) اک ۾ وڃي کوپو کوڙي نه رڳو نظر متاثر ڪري ته نابينائپ به پيدا ڪري سگهي ٿو. جيڪي ٻار ٻليءَ جي ڪرفتيءَ سبب غليظ ٿيل واريءَ يا مٽيءَ ۾ راند رھن ٿا اھي عام طور تي متاثر ٿي پون ٿا. انسانن ۾ ٻلين سان لاڳاپيل اھڙا ٻيا مسئلا ٽينيا (tinea)، چمڙيءَ جا ڦنگي روڳ، ٻلي جي ڪارڙن (flea) جا چڪ ۽ ڊينڊر/ ٻڦي سبب پيدا ٿيندڙ الرجيءَ جا ردعمل دم (asthma) يا ارٽيڪيريا (urticaria) پيدا ڪري سگهن ٿا. سٺي صحت قائم رکڻ، بيمار جانورن جي صحت جي خيال رکڻ ۽ ٻلين جي ڪينئن ۽ ڪارڙن ڏانھن باقاعدگيءَ سان ڌيان ڏيڻ سان ٻلين جي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو.


Remember Me Also:

چپ لڳڻ

ماٺ لڳڻ ، عجب لڳڻ ، حيرت لڳڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal